همايون سعيد ۽ مهوش حيات وري رومانس لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رومانٽڪ ڪاميڊي بلاڪ بسٽر فلم “پنجاب نهين جائونگي” جي ڪامياب جوڙي همايون سعيد ۽ مهوش حيات ايندڙ سال رومانٽڪ ڪاميڊي فلم “لنڊن نهين جائونگا” ۾ رومانس ڪندي نظر ايندا.

لنڊن نهين جائونگا، کي به فلم ساز نديم بيگ ٺاهي رهيو آهي، پر اها فلم “پنجاب نهين جائونگا” جو سيڪوئل نه هوندي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه معافي گھري ورتي..!

هدايتڪار هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ اعلان ڪيو هو ته هو “لنڊن نهين جائونگا” تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هن ان ڳالهه جو به اشارو ڏنو هو ته امڪاني طور تي فلم ۾ همايون سعيد مرڪزي ڪردار ادا ڪندو.

۽ هاڻ نديم بيگ تصديق ڪري ڇڏي آهي ته “لنڊن نهين جائونگا” ۾ نه رڳو همايون سعيد مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندو پر ان سان گڏ مهوش حيات به رومانس ڪندي نظر ايندي.

هڪ شوبز ويب سائيٽ سان ڳالهه ٻولهه دوران نديم بيگ تصديق ڪئي ته “پنجاب نهين جائونگا” 2017ع جي فلم “پنجاب نهين جائونگي” جو سيڪوئل نه آهي پر اها هڪ انوکي ڪهاڻي تي ٻڌل اهڙي ئي رومانٽڪ ڪاميڊي فلم آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: عمران اشرف وڏي اسڪرين تي اچڻ لاءِ تيار..!

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جتي “لنڊن نهين جائونگا” جون هدايتون نديم بيگ ڏئي رهيو آهي، اتي ان جي ڪهاڻي به پنجاب نهين جائونگي” جي ليکڪ خليل الرحمان قمر ئي لکي آهي.

نديم بيگ انڪشاف ڪندي اهو به ٻڌايو  ته هو “لنڊن نهين جائونگا” کان سواءِ هڪ ٻي فلم ٺاهڻ تي به ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان فلم ۾ به همايون سعيد مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو.

هن ٻڌايو ته ان ٽين فلم جي ڪهاڻي اداڪار واسع چوڌري لکي آهي جنهن ان کان اڳ “جواني پهر نهين آني” جي ٻنهي فلمن جون ڪهاڻيون به لکيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.