مهوش حيات ڇوڪرين جي حقن لاءِ ڪم ڪندي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا مهوش حيات کي انساني حقن جي وزارت طرفان ڇوڪرين جي حقن جي خير سگالي سفير مقرر ڪيو ويو آهي.

ڪجهه عرصو اڳ تمغه امتياز جو اعزاز حاصل ڪندڙ اداڪارا مهوش حيات هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، جنهن جو اعلان اداڪارا پاڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ڪيو.

مهوش حيات ٽوئيٽر تي هڪ ويڊيو پيغام ۾ چيو مان ڏاڍي خوش آهيان ته انساني حقن جي وزارت طرفان مون کي ڇوڪرين جي حقن جي حوالي سان ڪم ڪرڻ لاءِ خير سگالي سفير چونڊيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: مهوش حيات سنڌ ۾ تعليم جي بهتريءَ جو بار کڻي ورتو

سندس چوڻ هو اها مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته مان ڇوڪرين کي انهن جا حق ڏيارڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهان، مان اهڙو پاڪستان ڏسڻ چاهيان ٿي، جتي ٻارڙين کي تعليم حاصل ڪرڻ جا برابر موقعا حاصل هجن.

هن پنهنجي مداحن کي درخواست ڪئي ته اهي ان مقصد لاءِ سندس ساٿ ڏين، ڇو ته هوءَ سمجهي ٿي ته جيڪڏهن ڇوڪرين کي انهن جو حق ڏنو وڃي ته اهي دنيا تبديل ڪري سگهن ٿيون.

واضح رهي ته مهوش حيات کي هلندڙ سال يوم پاڪستان جي موقعي تي پاڪستاني فلم انڊسٽري لاءِ خدمتون انجام ڏيڻ تي تمغا امتياز سان نوازيو ويو هو.

تمغه امتياز حاصل ڪرڻ کانپوءِ اداڪارا مهوش حيات تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي، جڏهن ته تازو ايوارڊ تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ کان اڳ ريهرسل جي هڪ ويڊيو تي پڻ مهوش حيات جي لباس ۽ بولڊ اسٽيپس تي مداحن ڇتي تنقيد ڪئي.

مهوش حيات طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ويڊيو ۾ هوءَ احسن خان سان گڏ ڊانس ريهرسل ڪري رهي هئي، جنهن بابت اداڪارا لکيو ته هوءَ احسن خان سان گڏ 5 ورهين کانپوءِ پرفارم ڪندي.

ريهرسل دوران مهوش حيات جو لباس ۽ بولڊ اسٽيپ مداحن کي صفا نه وڻيا ۽ انهن هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪارا تي تنقيد جا تيز وسائڻ شروع ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.