رپورٽ: ميهڙ: سپاف پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ميهڙ: سپاف پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ميهڙ: سپاف پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج

ميهڙ ۾ سپاف پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن پاران عبدالنبي چانڊيو ۔آفتاب چنه ۔ سڌير احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ کي سدائين انتقامي ڪاروائي جو نشانو بنايو ويو آهي، آصف علي زرداري کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ وارو عمل انتهائي شرمناڪ عمل آهي

هنن چيو ته جيل سختيون ۔ ڪوڙا ڪيس پ پ لاء نيون سازشون نه آهن، جنهن ذريعي کين ڊيڄاري سگهجي.

هنن چيو ته چور دروازي کان اقتدار ۾ ايندڙ مشرفي باقيات سياسي انتقام ڪري ملڪي حالتون خراب ڪري رهي آهي

هنن چيو ته هڪ طرف عوام دشمن بجيٽ ته ٻئي طرف ناڪام حڪمراني ۽ ناڪام پرڏيهي پاليسي سبب ملڪ جي ساک دنيا ۾ خراب ٿي آهي ۔

هنن چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته آصف زرداري جي گرفتاري جو نوٽيس وٺي نيب خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……………..

 

You might also like