مصالحي وارو گوشت

شيون:

ڳائو گوشت: هڪ ڪلو (هڏين وارو )

ڏهي: هڪ پاءُ

ٽماٽا: اڌ ڪلو (سنها ڪٽيل)

بصر: ٻه عدد (ڪٽيل)

ساوا مرچ چار عدد

هيڊ: هڪ چمچو

ڳاڙها مرچ: هڪ چمچو

اردڪ ۽ ٿوم جي رَس: هڪ چمچو

ثابت ڌاڻا: هڪ چمچو

جيرو: هڪ چمچو (ثابت)

گرم مصالي جو پائونڊر: هڪ چمچو

ڪارن مرچن جو پائونڊر: هڪ چمچو

ساوا ڌاڻا: اڌ ويڙهي

ليمي جي رس: ٻه چمچا

تيل: هڪ ڪوپ

لوڻ: ضرورت موجب

طريقو: گوشت کي اُوٻاري يخني سان گڏ ڪڍي هڪ پاسي رکي ڇڏيو، پوءِ فراءِ پين ۾ تيل گرم ڪري بصرن کي ڀُڃو. هاڻ ادرڪ ۽ ٿوم جي رس، ثابت ڌاڻا، ڳاڙها مرچ، زيرو، ڌاڻن جو پائونڊر، لوڻ ۽ هيڊ وجهي فراءِ ڪيو، پوءِ اُٻاريل گوشت يخني سان گڏ وجهي پچايو. هاڻ ٽماٽا ۽ ڏهي وجهي گڏائي ڇڏيو ۽ ٽماٽا ڳرڻ تائين پچڻ ڏيو، جيڪڏهن پاڻي خشڪ ٿي وڃي ته ان ۾ ليمي جي رس، ڪارا مرچ، گرم مصالحو، ساوا مرچ ۽ ساوا ڌاڻا وجهي ڇڏيو. پچڻ کانپوءِ مصالحي وارو گوشت تيار آهي.27

You might also like