وزير اعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪميشن آف انڪوائري بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪميشن جي لاءِ ضابطاڪار ( ٽي او آرز) جي مسودي تي غور ڪيو ويو.

وزير اعظم هائوس طرفان جاري پڌرائي موجب ڪميشن آف انڪوائري پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع جي تحت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ)، ملٽري انٽيليجنس ( ايم آءِ)، انٽيلي جنس بيورو (آءِ بي) جا سينيئر آفيسر شامل هوندا.

پڌرائي موجب ڪميشن آف انڪوائري ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ( ايس اي سي پي)، آڊيٽر جنرل آفس ۽ فيڊرل انويسٽي گيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جا سينيئر آفيسر به شامل هوندا.

پڌرائي موجب انڪوائري ڪميشن جاچ ڪري ته 2008ع کان 2018ع تائين قرض 24 هزار تائين ڪيئن وڌيا. ڪميشن رقم خرچ ڪندڙ لاڳاپيل وزيرن سميت سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن جو به جائزو وٺندي.

You might also like