رپورٽ:مديجي: آصف زرداري جي گرفتاري خلاف سپاف ۽ ذيلي تنظيمن جي ڪارڪنن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
مديجي: آصف زرداري جي گرفتاري خلاف سپاف ۽ ذيلي تنظيمن جي ڪارڪنن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ مديجي: آصف زرداري جي گرفتاري خلاف سپاف ۽ ذيلي تنظيمن جي ڪارڪنن جو احتجاج

مديجي ۾ اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي نيب هٿان گرفتاري خلاف  پ پ يوٿ، سپاف ۽ ذيلي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي.

شڪارپور ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقارڪمارئي، ميرڪفايت شاهه، تعلقي صدرغلام مصطفي’ منگي، تقي عباس ڪمارئي، عرفان چنو، مزاربروهي، سليم عارباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن پاران ريلي ڪڍي وئي.

 ريلي مختلف رستن اسٽيشن روڊ، شاهي بازار ۽ سکر لاڙڪاڻو روڊ تان ٿيندي مين بس اسٽينڊ تي پهچي جلوس جي صورت اختيار ڪري وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو تھ  آصف زرداري جي گرفتاري جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن چيوته جيل جون سختيون پ پ اڳواڻن کي جهڪائي نھ ٿيون سگهن،  پ پ اڳ بھ جيلن جون سختيون سٺيون آهن ۽ هاڻي بھ سهندي.

هنن مطالبو ڪيو ته آصف علي زرداريءَ خلاف داخل ڪيل ڪوڙا ريفرنسز واپس وٺي کيس هڪدم آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو اسلام آباد تائين وسيع ڪيو ويندو……………

رپورٽ-ڪاشف ميمڻ

******

You might also like