لاهور ۾ مهاراجا رنجيت سنگهه جي مجسمي کي ٽوڙيو ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ٻن ڄڻن مبينا طور تي پنجاب جي اڳوڻي حڪمران مهاراج سنجيت سنگهه جي مجسمي کي ٽوڙي ڇڏيو جيڪو شاهي قلعي ۾ سندس قبر جي ڀرسان لڳل هو.

شاهي قلعو معمول جي موجب ماڻهن جي لاءِ کليل هو جڏهن 2 ڄڻا اتي پهتا جن مان هڪ ظاهري طور پير کان معذور هو ۽ ان جي هٿ ۾ ڪاٺ جو ڏنڊو موجود هو، جڏهن ته ٻيو شخص ان کي هلڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي.

قلعي ۾ دخل ٿي ٻئي سڌو مجسمي ڏانهن ويا ۽ ڪاٺ جي ڏنڊن سان کي مارڻ شروع ڪري ڏنو جنهن سبب سندس مجسمي جي ٻانهن ٽٽي پئي، جڏهن مجسمي جي ٻين حصن کي به نقصان پهتو.

سيڪيورٽي گارڊ اُتي پهچا ۽ مجسمو ٽوڙيندڙن کي پڪڙي ورتو جيڪي مهاراجا رنجيت سنگهه جي خلاف نعرا هڻي رهيا هئا.

بعد ۾ حملي آورن کي پوليس جي حوالي ڪيو وي جنهن شهري انتظاميا جي شڪايت تي انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.

سپرنٽنڊنٽ آف پوليس سيد غضنفر شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته حملي آورن مذهبي بنيادن تي مجسمو ٽوڙيو.

هن چيو ته جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته حملي آورن اِها دعويٰ ڪري رهيا هئا ته انهن جي جسم ۾ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جي مشهور ويڙهاڪ سلطان محمود غزنوي جو روح موجود آهي.

سيد غضنفر شاهه چيو ته حملي آورن جو مڃڻ هو ته هي انهن جي مذهب جي خلاف آهي ته مسلم ملڪ ۾ مجسمو تعمير ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن انتظاميا ان کي نه هٽايو ته هو ٻيهر ان عمل کي ورجائيندا.

You might also like