خواجه ڀائرن جي رمانڊ ۾ 30 مئي تائين واڌ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت پيرا گون هائوسنگ اسڪينڊل ۾ خواجه ڀائرن جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 30 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي. احتساب عدالت جي جج نجم الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جيل اختيارين خواجه سلمان رفيق کي عدالت سامهون پيش ڪيو. خواجه سعد رفيق کي راهداري رمانڊ تي اسلام آباد ۾ هئڻ سبب پيش نه ڪيو ويو.  نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ريفرنس منظوري لاءِ موڪليو ويو آهي، نيب چيئرمين جي منظوري کانپوءِ جلد فائل ڪيو ويندو جنهن بعد عدالت خواجه ڀائرن جي وڌيڪ جوڊيشل رمانڊ ۾ 30 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي. خواجه سلمان جي پيشيءَجي موقعي تي سڪيورٽي  انتطام سخت ڪيا ويا، روڊن کي ڪنٽينر لڳائي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو جنهن سبب واٽهڙن ۽ سائلن کي ڏکيائين جو منهن ڏيڻو پئجي ويو. عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سلمان رفيق چيو ته موجوده حڪومت جي ناقص معاشي پاليسي سبب ملڪ تباهي جي ڪناري تي آهي، ايمنسٽي اسڪيم ۽ آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پئڪيج حڪومت جو هڪ نئون خوفناڪ يوٽرن آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، عام ماڻهو مهانگائي ۾ پيڙهجي رهيو آهي، حڪومتي پاليسين ملڪ کي آءِ ايم ايف اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي، موجوده صورتحال ۾ مخالف  ڌر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري.

You might also like