خليل الرحمان قمر برابري جو مطالبو ڪندڙ عورتن کي صلاح ڏئي ڇڏي..!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري ليکڪ خليل الرحمان قمر جو ڊرامو “ميري پاس تم هو” هن وقت سوشل ميڊيا تي گھڻو مشهور ٿي رهيو آهي.

ان ڊرامي ۾ همايون سعيد هڪ محبت ڪندڙ مڙس جڏهن ته عائزا خان دوکو ڏيندڙ گهرواري ۽ عدنان صديقي هڪ بزنس مين جو ڪردار نڀايو  آهي جيڪو عائزا خان سان لاڳاپا رکي ٿو.

ان ڊرامي تي شوقينن جو گڏيل  رد عمل اچي رهيو آهي، هڪ پاسي اداڪارن جي اداڪاري کي ساراهيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي وري گھڻا ماڻهو ڊرامي جي ڪهاڻي لکندڙ خليل الرحمان کي عورتن لاءِ ان قسم جو ڪردار لکڻ تي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

ان حوالي سان خليل الرحمان قمر هڪ انٽرويو ۾ ان ڊرامي جي حوالي سان ڳالهائڻ سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو ته هن جي ڪهاڻين ۾ عورتن کي ان قسم جو ڪردار ڇو ڏنو ويندو آهي.

خليل الرحمان قمر جو چوڻ هو ته “ميري پاس تم هو” هڪ نه پر گھڻن مردن جي ڪهاڻي آهي، آئون اهڙا ڪيترن ئي مردن کي ڏٺو آهي جن سان ائين ٿيو آهي.

هن چيو ته آئون ڏٺو آهي ته جڏهن هڪ عورت بي وفائي ڪندي آهي ته اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائيندي آهي، ڇو جو ان کي ڪنهن ٻي مرد جو سهارو هوندو آهي، پر جڏهن هڪ شادي شدهه مرد بي وفائي ڪندو آهي ته اهو نظرون جهڪائي ڳالهائيندو آهي ڇو جو ان کي شرمندگي جو احساس  هوندو آهي.

سندس چوڻ هو ته عورتن کي “ميري پاس تم هو” تي  تنقيد نه ڪرڻ گھرجي، ڇو جو هنن گڏجي مردن کي به گھڻو ذليل ڪيو آهي.

ليکڪ چيو ته آئون هر عورت کي عورت ناهيان مڃيندو، منهنجي نظر ۾ عورت وٽ هڪ خوبصورتي آهي ۽ اها ان جي وفا ۽ حياءُ آهي، جيڪڏهن اها نه هجي ته ڪا به عورت مون لاءِ عورت نه آهي.

خليل الرحمان قمر چيو ته مون کان وڏو فيمينسٽ پاڪستان ۾ ڪو به ناهي، پر آئون رڳو سٺين عورتن کي سپورٽ ڪندو آهيان.

هن چيو ته هڪ مرد جيڪو پنهنجو سمورو وقار ۽ سرمايو پنهنجي زال جي مٺ ۾ رکي ان لاءِ ڪم ڪرڻ ٻاهر ويندو آهي، ته آئون لعنت موڪليان ٿو اهڙين عورتن تي جيڪي مڙس جي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي مٺ کولي ڇڏينديون آهن.

خليل الرحمان موجب آئون فيمينسٽ عورتن جي هڪ گروپ سان تازو ئي برابري جي حوالي سان پڇيو ته ڇا اوهان اها خبر پڙهي آهي ته پنجن مردن ڪنهن هڪ عورت کي اغوا ڪري ورتو؟

جنهن تي هنن چيو ته ها پڙهي آهي جنهن کانپوءِ آئون کين چيو ته اها خبر پڙهي اٿو ته پنجن عورتن گڏجي هڪ مرد کي اغوا ڪيو جنهن تي هنن جواب ڏنو ته نه، ان کان پوءِ آئون هنن کي چيو ته ائين ڇو نه ڪيو اٿو؟ برابري جي ڳالهه آهي ته پوءِ عورتن کڻي وڃن مردن کي ۽ گينگ ريپ ڪن مردن جو، پوءِ ڳالهه آهي برابري جي ۽ خبر پوي ته ڪهڙي برابري گھري رهيون آهيو.

مصنف موجب هڪ مرد ۾ نه ڪرڻ  جي صلاحيت ناهي جيتوڻيڪ سٺي عورت نه ڪري سگھي ٿي ۽ ان کي چوڻ گھرجي.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.