اسان ڪم شروع ڪرڻ پيا وڃون…! وڏي وزير تياري ڪري ورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جهڙي ريت عدالت حڪم ڏنو آهي ته ان جي موجب ڪي سي آر (ڪراچي سرڪلر ريلوي) منصوبو شروع ڪرڻ پيا وڃون.

تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير جي صدرات هيٺ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد بابت اجلاس رٿيو ويو جنهن ۾ هن چيو ته عدالتي هدايت تي اسان ڪي سي آر  شروع ڪرڻ پيا وڃون.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري کي چيو هو ته وفاقي حڪومت ڏانهن خط لکي ته سي پيڪ جو جيڪو پيڪيج لاهور کي ڏنو ويو آهي اُهو اسان کي به ڏنو وڃي.

هن چيو ته ٽرانسپورٽ واري کاتي کي به هدايت ڪري ڇڏي آهي ته هو ريلوي واري وزارت کي خط لکي چئي ته رائٽ آف وي تان حددخليون هٽائي. رائٽ آف وي ٽرانسفر ٿيندي ئي عالمي ٽينڊر ڪرائينداسين.

مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪي سي شر جي لاءِ وفاق کي ٻيهر ساوورين گارنٽي جي لاءِ چونداسين، وفاق کان منصوبي جي منظوري به ڪرائينداسين.

You might also like