پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ واڌ، موبائل فون سستا، کنڊ، کاڄرو تيل، گيهه، کير، سگريٽ، سي اين جي ۽ گاڏيون مهانگيون

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي سرڪار 2019-20ع لاءِ تقريبن 50 سيڪڙو خساري واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، بجيٽ جو ڪاٿو 70 کرب 22 ارب رپيا لڳايو ويو،قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيندڙ بجيٽ اجلاس ۾ روينيو واري مملڪتي وزير حماد اظهر بجيٽ پيش ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، حماد اظهر بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته  وفاقي بجيٽ جو خسارو 35 کرب 60 ارب رپيا رکيو ويو آهي، گريڊ هڪ کان 16 جي سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ اضافي جي تجويز ڏني وئي، گريڊ 17 کان 20 تائين جي سول ملازمن کي 5 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ملندو، گريد 21 ۽ 22 جي سول ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪرڻ جي تجويز ڏني و.ئي آهي، گهٽ کان گهٽ پگهار 17500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو 5 هزار رپين مان وڌائي 5500 ڪيو ويو، بجيٽ ۾ سيمينٽ جي في ٻوري تي 2 رپيا فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سگريٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 5200 رپيا في 10000 سگريٽ ڪئي وئي، کنڊ تي سيلز ٽئڪس 6 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو ويو، کنڊ جي قيمت ۾ 3 رپيا65 پئسا في ڪلو اضافو ٿيندو، کاڄرو تيل تي به ٽئڪس وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو ويو، خشڪ کير ۽ پنيرجي درآمد تي 10 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو  ڪئي وئي، دفاعي بجيٽ 1150 ارب رپيا برقرار رهندي، ڪراچي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 45.5 ارب رپيا رکيا ويا، ڪولڊ ڊرنڪس تي ڊيوٽي 11.5 سيڪڙو مان وڌائي 13 سيڪڙو،شربتن تي ڊيوٽي 11.25 سيڪڙو مان وڌائي 14 سيڪڙو ڪئي وئي، جڏهن ته سون، چاندي، هيري جي زيورن تي سيلز ٽئڪس وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ سنگ مرمر جي صنعت تي 17 سيڪڙو سيلز ٽئڪس ،سيمي پراسس ۽ پچيل چڪن، مٽن،بيف ۽ مڇي تي 17 سيڪڙو سيلز ٽئڪس لڳايو ويو، جڏهن ته هڪ هزار هڪ سي سي کان 2 هزار سي سي تائين گاڏين تي 5 سيڪڙو جڏهن ته 2 هزار سي سي کان وڌيڪ جي گاڏين تي ڊيوٽي ساڍا 7 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، بجيٽ ۾ پگهاردار ۽ غير پگهاردار ماڻهن لاءِ ٽئڪس شرح ۾ اضافو ۽ پگهاردار ملازمن لاءِ ٽئڪس جوڳي آمدني جي حد 12 لک کان گهٽ ڪري 6 لک رپيا ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، جڏهن ته غير پگهاردار انفرادي ٽئڪس ڏيندڙن لاءِ ٽئڪس جوڳي آمدني جي حد گهٽ ڪري چار لک رپيا ڪئي وئي، پگهار نه کڻندڙ طبقي کي ساليانو چار لک رپيا ٽئڪس ڏيڻو پوندو، جڏهن ته موبائل فون جي درآمد تي 3 سيڪڙو ويليو ايڊيشن ٽئڪس ختم ڪيو ويو، پگهاردار طبقي جي لاءِ 6 لک رپيا ساليانو ۽ بغير پگهاردار طبقي جي لاءِ 4 لک رپين کان وڌيڪ تي انڪم ٽيڪس لاڳو هوندو، ايندڙ مالي سال جي لاءِ ٽيڪس روينيو جو هدف 5555 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، عالمي مالياتي فنڊ سان 6 ارب ڊالر جي پروگرام جو معاهدو ٿيو آهي، آءِ ايم ايف جي بورڊ کان ان جي منظوري کانپوءِ ان معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو، سول حڪومت جا خرچ 460 ارب رپين مان گهٽ ٿي 437 ارب رپيا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته دفاعي بجيٽ موجوده سال جي سطح يعني 1150 ارب رپين تي مستحڪم رهندي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 20 – 2019ع جي وفاقي بجيٽ روينيو واري مملڪتي وزير حماد اظهر ايوان ۾ پيش ڪئي. وفاقي بجيٽ ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 5555 ارب رپيا رکيو ويو آهي جڏهن ته خرچن ۾ گهٽتائي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن بنيادي خسارو 0.6 سيڪڙو تائين رهي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اسان جي بنيادي اصلاح ٽيڪس ۾ اضافو ٿيندو. هن ٻڌايو ته حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ هڪ نئين وزارت قائم ڪئي آهي. مملڪتي وزير حماد اظهر چيو ته اسان کي معاشي وراثت ۾ مجموعي قرض ۽ ادائيگيون 3100 ارب رپيا مليا. ان ۾ اٽڪل 97 ارب ڊالر ٻاهريان قرض ۽ ادائيگيون آهن. ڪيترائي ڪمرشل قرض وڌيڪ وياج تي ورتا ويا هئا. گذريل ٻن سالن دوران اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جا ذخيرا 18 ارب ڊالر تائين هيٺ ٿيندي 10 ارب ڊالر کان به گهٽ رهجي ويا هئا. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو تاريخ جي بلند ترين سطح 20 ارب ڊالر جڏهن ته واپاري خسارو 32 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. 5 سالن ۾ روانگي واپار ۾ ڪو اضافو نه ٿيو. مالياتي خسارو 2260 ارب رپين جي خطرناڪ حد تائين پهچي ويو هو. ايترو وڏو خسارو اليڪشن جي سال ۾ مالياتي بدنظمي جي ڪري ٿيو. بجلي جي نظام جو گردشي قرض 1200 ارب رپين تائين پهچي ويو ۽ 38 ارب رپيا هر مهيني جي شرح سان وڌي رهيو هو. سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي 1300 ارب رپين جي مجموعي خساري کان وڌيڪ هئي. هن چيو ته پاڪستاني رپئي جي قدر بلند رکڻ جي لاءِ اربين ڊالر وڃايا ويا. ان مهانگي حڪمت عملي سان روانگي واپار کي نقصان پهتو. آمدني واپار کي سبسڊي ملي ۽ معيشت کي نقصان ٿيو. ان جي ڪري ڊسمبر 2017ع ۾ رپيو هيٺ ڪرڻ لڳو. هن ٻڌايو ته شين جي قيمتن تي دٻاءُ وڌي رهيو هو ۽ ناڻي واڌ 6 سيڪڙو تائين پهچي رهي هئي.. هن ٻڌايو ته روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت صنعتي ۽ برآمدي شعبي کي رعايتي قيمتن تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي، گهٽ وياج تي قرضن جي فراهمي، خام مال تي لاڳو درآمدي ڊيوٽي ۾ گهٽتائي ذريعي مجموعي طور تي 10 ارب ڊالر جي رعايت ڏيڻ سان گڏوگڏ برآمدي شعبي جي لاءِ وزيراعظم جي پروگرام ۾ ٽن سالن تائين واڌ ڪئي وئي. چين کان 313 شين جي ڊيوٽي فري برآمد جو معاهدو ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته انهن قدمن جي ڪري موجوده سال ۾ روانگي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته عالمي مالياتي فنڊ کان 6 ارب ڊالر جي پروگرام جو معاهدو ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف جي بورڊ کان ان جي منظوري کانپوءِ ان معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو جنهن سان انتهائي گهٽ وياج تي ٻه کان ٽي ارب ڊالر جي اضافي عالمي امداد پڻ ميسر ايندي.. هن ٻڌايو ته انهن قدمن سان هن سال ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 7 ارب ڊالر جي گهٽتائي ايندي جڏهن ته ايندڙ سال وڌيڪ 6 ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي گهٽتائي ايندي.. هن ٻڌايو ته گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي سبسڊي  جي لاءِ 200 ارب رپيا رکيا پيا وڃن. حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ هڪ نيئن وزارت قائم ڪئي آهي جيڪا ملڪ ۾ سماجي جو پروگرام ٺاهيندي. 10 لک مستحق ماڻهن کي صحتمند خوراڪ فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئين راشن ڪارڊ اسڪيم شروع ڪئي پئي وڃي. مائرن ۽ نئين ڄاول ٻارن کي خاص صحتمند خوراڪ مهيا ڪئي ويندي. 80 هزار مستحق ماڻهن کي هر مهيني بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. 60 لک عورتن کي انهن جي پنهنجي سيونگ اڪائونٽس ۾ وظيفن جي فراهمي ۽ موبائل فون تائين پهچ ڏني ويندي. 500 ڪفايت مرڪزن ذريعي عورتن ۽ ٻارن کي فري آن لائن ڪورسز جي سهولت ڏني ويندي. معذور ماڻهن کي وهيل چيئرز ۽ ٻڌڻ جا اوزار ڏنا ويندا. تعليم ۾ پٺتي رهجي ويل ضلعن جي لاءِ ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي لاءِ خاص ترغيبون ڏنيون وينديون. وڏي عمر جي ماڻهن جي لاءِ احساس گهر ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. احساس پروگرام تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 57 لک انتهائي غريب خاندانن کي ڏني ويندڙ ٽه ماهي 5 هزار رپيا امداد کي وڌائي 5500 ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مئي 2020ع تائين غريبن جي نشاندهي جي سروي مڪمل ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 270 اسپتالن ۾ 7 لک 20 هزار رپيا ساليانو تائين علاج جي سهولت ڏني ويندي. پهرين مرحلي ۾ پاڪستان جي 42 ضلعن ۾ 32 لک غريب خاندانن کي اها سهولت ڏني پئي وڃي. اڳئين مرحلي ۾ ان پروگرام کي ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن تائين پکيڙيو ويندو. هن ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت، خوراڪ، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ محفوظ صحت جي لاءِ 93 ارب رکيا ويندا. گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ سستا گهر ۽ موسمياتي تبديلي جي تلافي لاءِ بلين ٽري سونامي ۽ ڪلين ۽ گرين پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي جي لاءِ حڪومت اهم قدم کنيا آهن. وچ مدي واري ناڻي واڌ جو هدف 5 کان 7 سيڪڙو آهي. 20 – 2019ع معيشت جي استحڪام جو سال هوندو. هن ٻڌايو ته هن سال قومي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 1863 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن مان 951 وفاقي ترقياتي پروگرام جي لاءِ آهن. ديامير ڀاشا ڊيم جي زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ 20 ارب رپيا ۽ مهمند ڊيم هائيڊرل پاور جي لاءِ 15 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ذريعي 156 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. توانائي، انساني ترقي، زراعت، ڪوئيٽا جي ترقياتي پئڪيج، ڪراچي جي ترقياتي پئڪيج جي لاءِ پڻ نمايان ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي. هن ٻڌايو ته پنهنجو گهر پروگرام تحت 50 لک گهر ٺاهيا ويندا جنهن سان 28 صنعتن کي فائدو ٿيندو. پنهنجو ڪم پروگرام تحت ڪامياب جوان پروگرام متعارف ڪرايو ويو آهي. ان اسڪيم تحت 100 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا. صنعتي شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ مراعتون ۽ سبسڊي ڏني پئي وڃي. زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. پاڻي جي بچت جا منصوبا پڻ ان ۾ شامل آهن جنهن جي لاءِ 218 ارب جي منصوبن تي ڪم ٿيندو. ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ 44 ارب 80 ڪروڙ فراهم ڪيا ويندا. زرعي ٽيوب ويلن تي 6 رپيا 85 پئسا في يونٽ جي حساب سان رعايتي قيمت ڏني ويندي. ان ۾ وفاق جو حصو 60 سيڪڙو جڏهن ته صوبائي حڪومتن جو حصو 40 سيڪڙو هوندو،هن ٻڌايو ته هن وقت بجلي جو گردشي قرض 1.6 کرب رپيا آهي. اهڙي طرح گئس جو گردشي قرض 150 ارب رپيا آهي. ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بجلي ۽ گئس جي ٽيرف تي نظرثاني ڪئي وئي ته جيئن صارف تي ان جو اثر گهٽ کان گهٽ پوي. بجلي جا بل ادا نه ڪندڙ ۽ بجلي چوري ڪندڙن جي خلاف منظم مهم شروع ڪئي وئي، جنهن جي ڪري 6 مهينن ۾ 80 ارب جون اوڳاڙيون ٿيون. لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويو.. مني لانڊرنگ جي لعنت جي روڪٿام لاءِ هڪ بلڪل نئون نظام تجويز ڪيو پيو وڃي. ادارن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته سول حڪومت جي گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن ۽ پاڪ فوج جي سمورن ملازمن کي 2017ع جي بنيادي پي اسڪيل موجب رننگ بيسڪ پي تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏنو يندو. گريڊ 17 کان 20 تائين جي سول ملازمن کي 5 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو ويندو. گريڊ 21 کان 22 تائين جي سول ملازمن جي پگهارن ۾ ڪو اضافو نه ٿيندو. وفاقي حڪومت جي سمورن سول ۽ فوجي پينشنرز جي نيٽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو. معذور ملازمن جو اسپيشل ڪنوينس الائونس وڌائي ماهوار 2 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي. وزيرن، مملڪتي وزيرن، پارلياماني سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري سان گڏ ڪم ڪندڙ اسپيشل، پرائيويٽ سيڪريٽري ۽ اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽرين جي اسپيشل پگهار ۾ 25 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي.  . سي اين جي ڊيلرز جي لاءِ وليو ريجن ون جي لاءِ 64 رپيا 80 پئسا في ڪلو مان وڌائي 74 رپيا 4 پئسا في ڪلو ۽ ريجن ٽو جي لاءِ 57 رپيا 69 پئسا في ڪلو مان وڌائي 69 رپيا 57 پئسا في ڪلوگرام ڪرڻ جي تجويز آهي. ان کانسواءِ کنڊ تي ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. مرغي، ننڍو گوشت، وڏو گوشت ۽ مڇي جي گوشت سان تيار ٿيندر فروزن شين تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. هن ٻڌايو ته گيهه، ڪوڪنگ آئل تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 17 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ڏيڍ رپئي مان وڌائي 2 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي. ايل اين جي جي درآمد تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ اضافي جي تجويز آهي. ڪارن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. 1700 سي سي ۽ ان کان وڌيڪ انجڻ وارين گاڏين تي 10 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي متعارف ڪرائي وئي هئي جڏهن ته هاڻي هتي سليب متعارف ڪرايا ويا آهن. هزار سي سي تائين 2.5 سيڪڙو، 1000 کان 2000 سي سي تائين 5 سيڪڙو ۽ 2000 کان وڌيڪ تي 7.5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وصول ڪئي ويندي. سگريٽس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ پڻ اضافي جي تجويز آهي. مٿئين سليب تي چار هزار پنج سئو رپيا في هزار اسٽڪس مان وڌائي 5200 رپيا هيٺئين سليب جي لاءِ موجوده ٻن سليبز کي ضم ڪري 1650 رپيا في هزار اسٽڪس جي لحاظ کان ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي.

 هن ٻڌايو ته ماضي ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جي فعال فهرست مقرر تاريخ کانپوءِ جمع ڪرايل گوشوارا رکندڙ ماڻهو نان فائيلر ئي ڳڻيا ويندا هئا جڏهن ته ان تي وڌيڪ ٽيڪس جي شرح لاڳو ٿيندي هئي.

ان شق کي ختم ڪيو ويو آهي. نان فائيلر جي نالي تي 50 لک رپين کان وڌيڪ جي ملڪيت جي خريداري تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. هن ٻڌايو ته پگهاردار ۽ بغير پگهاردار ماڻهن جي لاءِ ٽيڪس جي شرح ۾ اضافي جي تجويز آهي. ٽيڪس جوڳي آمدني جي گهٽ کان گهٽ شرح پگهاردار طبقي جي لاءِ 6 لک ۽ غيرپگهاردار طبقي جي لاءِ چار لک رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي. 6 لک کان وڌيڪ آمدني واري پگهاردار ماڻهن جي لاءِ 11 ٽيڪس جوڳي سليب 5 سيڪڙو مان 35 سيڪڙو تائين جي پروگريسو ٽيڪس ريٽس سان متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي. 4 لک رپين کان وڌيڪ آمدني واري غيرپگهاردار طبقي جي لاءِ آمدني جي 8 سليبز 5 سيڪڙو مان 35 سيڪڙو ٽيڪس ريٽ سان متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي. ڪمپنين جي لاءِ ٽيڪس ريٽ ايندڙ ٻن سالن جي لاءِ 29 سيڪڙو تي فڪس ڪرڻ جي تجويز آهي. هن ٻڌايو ته گفٽ جي وصولي آمدني تصور ٿيندي. شيئرز تي منافعي جي شرح تي ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو مان وڌائڻ جي تجويز آهي. قرض تي منافعي جي آمدني تي ٽيڪس ۾ اضافي جي تجويز آهي. هن ٻڌايو ته قانوني ڪارروائي جي لاءِ اسپيشل جج جي عدالت ۾ گوشوارا جمع ڪرائڻ تي قانوني ڪارروائي جي لاءِ ڪيس ڪرڻ ۽ ڄاڻايل شخص جي گرفتاري ممڪن بڻائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.

You might also like