ڀولڙو ماڻهو جو ابو آهي؟

charles darwin
charles darwin

اوهان اهو ضرور ڪنهن نه ڪنهن جي زبان مان ٻڌو هوندو ته ”انسان ڀولڙي مان ترقي ڪري هن منزل تي پهتو آهي“ ۽ اها ڳالهه هڪڙي سائنسدان چئي آهي، جنهن جو نالو ڊارون هو. يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڳالهه ارتقاء واري نظرئي متعلق ضرور اوهان جي جي ڪن تي پئي هوندي.

اها ڳالهه ايترا ڀيرا ورجايل آهي، جو شايد مون وانگر اوهان پڻ اهو ئي سمجهندا هوندا ته، اهو ته صفا ڪو بيڪار قسم جو سائنسدان هو، جنهن حضرت انسان جي شان ۾ اهڙي گستاخي ڪئي ، پر اهو سڀ ڪجهه غلط آهي.

 پوءِ درست ڇا آهي؟ اچو ته ٿورو ان پس منظر ۽ ان ڳالهه جي شروعات کي ڏسون.

اڄوڪي جديد سُڌسماءَ جي زماني ۾ جيڪڏهن اوهان چاهيو ته، انٽرنيٽ جي مدد سان ان الزام هيٺ آيل سائنسدان ”چارلس ڊارون“ کي گوگل تي سرچ ڪري ڏسي سگهو ٿا ۽ ان بابت وڌيڪ معلومات پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. هاڻي علم جي ان ڳجهه ۾ اوهين پنهنجو هٿ وجهي گهڻو ڪجهه ڪڍي سگهو ٿا.

چارلس ڊارون 1809ع ۾ اسڪاٽ لينڊ جي مشهور شهر ايڊنبرگ ۾ ڄائو هو. سندس والد رابرٽ ڊارون خوشحال ماڻهو هو. هوءَ طبيب هو، سندس خاندان معاشي ۽ سماجي طور تي هڪ معتبر خاندان ليکيو ويندو هو. چارلس جو ڏاڏو پريمس ڊارون به پنهنجي دور جو نالي وارو شخص هو، سندس چڱي چوکي رهائي رسائي هوندي هئي.

چارلس ڊارون غير معمولي طور ويچاريندڙ شخص هو، هن جي دلچسپي قدرتي نظارن، جيتن، جڻين، جانورن، انهن جي چرپر، واڌ ويجهه، ان جي قسمن، ان جي حرڪتن سان هئي، تنهن ڪري هو پنهنجي والد جي مرضي موجب پڙهي ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيو. تنهن ڪري ئي هو پنهنجي خاندان ۾ نظرانداز ٿيل ماڻهو رهيو، پر وقت سان گڏوگڏ هو پنهنجي هم خيال دوستن سان ملندو، پڙهندو، ڪڙهندو ۽ ويچاريندو رهيو. ان دوران سندس پر مغز مضمون پڻ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا.

ڌرتيءَ تي زندگي ڪيئن شروع ٿي؟

ان جي واڌ ويجهه ڪيئن ٿي؟ ان ۾ ڪهڙا اصول ۽ قانون ڪتب اچن ٿا؟ اوسر ۽ ارتقاءَ ڇا آهي؟ سڀ ساهه وارا هڪ جهڙا ڇو نه آهن؟ انسان ڪيئن جنم ورتو؟  وغيره وغيره هن جا موضوع رهيا.

هر هڪ موضوع سان وري ان سان سلهاڙيل ٻيا پهلو ۽ پاسا به ويچار هيٺ ايندا رهيا، چارلس پڙهندو به رهيو ۽ وري ويچاريندو به رهيو، لکندو به رهيو، نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيائين ۽ هن مختلف قسم جي ساهه وارن جي موجوده صورت، شڪل ۽ ان کان اڳ هنن جي حالت ۽ منهن مهانڊي جو پتو ڳوليو، هن انهن وچ ۾ عمل ڪندڙ اصولن ۽ ضابطن کي به تلاش ڪيو.

1859ع ۾ چارلس ڊارون (origin of species) ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن ارتقا/ اوسر/ واڌ ويجهه تي تفصيلي بحث ڪيو، هن پنهنجي ڳولي لڌل جوابن بابت لکيو ۽ سمجهايو، ان جي جزيات تي به لکيو جنهن سان يورپ جي معاشري ۾ سندس ڪتاب، سندس ويچار ۽ هو خودبحث جو اهم موضوع بڻجي ويا.

چارلس ڊارون جي ارتقاء بابت ويچارن/ نظرئي تي يورپ جي سمورن حصن ۾ گرما گرم بحث شروع ٿي ويا، ان دوران ئي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڊارون جي خيالن، نظرئي تي بحث شروع ٿيا. يونيورسٽي ۾ هڪ تيز ۽ سرگرم گفتگو دوران تڏهوڪي مشهور بشپ سيموئل ولبرفورس پنهنجي ساٿين سميت شريڪ ٿيو. هن چيو ”ڊارون چوي ٿو ته انسان ڀولڙي جي سڌريل صورت آهي، اهڙي طرح هي ملحد اسان جي توهين ڪري رهيو آهي، خدا ڪري هن جي ڳالهه ڪنهن کي سمجهه ۾ نه اچي“.

هڪسلي نالي سائنسدان جيڪو چارلس ڊارون جو هم خيال ۽ حامي هو. بحث ۾ شريڪ هو، وضاحت پيش ڪئي ته، ڊارون ائين نٿو چوي جيئن بشپ چوي پيو. پر ماڻهن پادري جي ڳالهه تي واهه واهه  ڪئي.

جڏهن بحث ٿورو ٿڌو ٿيو. چارلس جي حامين، پادرين کي چيو ته، اوهان غلط پروپئگنڊه پيا ڪريو. پادرين جواب ڏنو، ”محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي“.

وقت وڏو منصف آهي، ڊارون جو نظريو، ڍارون جو ڪتاب، ڊارون جا ويچار سموري سماج ۾ موضوع بڻجي ويا تڏهن کان بحث هيٺ آهن. پادرين مذهبي عقيدي جي بنياد تي هار کاڌي، ويچاريندڙ ماڻهن ڊارون جي ڳالهه تي وڌيڪ غور ڪيو، ان کي درست قرار ڏنو.

پادرين ۾ گروپ بندي ٿي وئي؛ ٻن گروپن مان هڪڙو گروپ ساڳي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيٺو ته ڊارون غلط آهي، ٻئي گروپ پاسو بدلايو، هنن چيو ته دراصل بائيبل ارتقاء کي تسليم ڪري ٿو، اهو سڀ ڪجهه اسان جي ڪتاب ۾ موجود آهي، ارتقا غلط نه آهي، ارتقاءَ جو نظريو به ٺيڪ پر ڊارون غلط آهي.

ان مذهبي ڌڙي ارتقاء کي بائيبل ۾ تلاش ڪرڻ شروع ڪيو، هر سطح تي، هر ملڪ ۾، هر معاشري ۾ هڪڙا هڪڙن جي پاسي ۽ ٻيا ٻين جي پاسي ٿي ويا. ڊارون جي نظرئي سموري واريءَ واري ڪوٽ کي ڌوڏي ڇڏيو هو. نيٺ ارتقاء جي حمايت جي دعويدار عيسائي مذهبي حلقن اڳي هلي اها ڳالهه پکيڙي ته اهو سڀ اسان جي مقدس ڪتاب  ۾ موجود آهي.

تڏهن کان ڊارون جو نظريو مقدس ڪتاب بائيبل ۾ داخل ٿي ويو آهي، اهو ڪو پهريون مثال نه آهي، هر دور ۾ سائنسي ڳالهه کي پهرين رد ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان لاءِ چيو ويندو آهي ته، اهو سڀ ڪجهه ته اسان وٽ اڳ ئي موجود هو.

سو اها هڪ بهترين چال آهي، ان جوبنيادي مقصد نون خيالن ۽ نظرين کي روڪڻ آهي، چارلس ڊارون ڪٿي به ائين نه چيو آهي، جيئن هن جي لاءِ پروپئگنڊا ڪئي وئي آهي ڪو ته ڀولڙو انسان جو ابو آهي. اها ان زماني جي ماڻهن جي واويلا هئي، جنهن جو مقصد سندس اصل ڳالهه تي پردو وجهڻ هو.