ايران هڪ آمريڪي ٿنڪ ٽينگ تي پابندي مڙهي ڇڏي

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا ۾ قائم ٿنگ ٽينڪ ”فائونڊيشن فار ڊفينس آف ڊيموڪريسيز“ ۽ ان جي سربراهه مارڪ ڊوبووٽس کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي.

ايران الزام مڙهيو آهي ته اهو ادارو ۽ ان جو سربراهه ايران خلاف اقتصادي دهشتگردي جي پويان آهي.

ايراني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان اداري ۽ ان جي سربراهه تي پابنديون لاڳو ڪيون پيون وڃن.

بيان موجب اهو ادارو ايران خلاف لاڳو آمريڪي پابندين جي اثرن کي وڌائڻ جي عمل ۾ مصروف رهيو.

واضح رهي ته واشنگٽن ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ دعويٰ ڪندو آهي ته اهو غيرجانبدار ادارو آهي ۽ ان جو مقصد قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جاچ آهي.

You might also like