عمران خان جلد انجام تي پهچڻ وارو آهي: نواز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مان ڪو ولي يا قسمت جو حال ٻڌائيندڙ نه آهيان پر عمران خان جلد انجام تي پهچڻ وارو آهي. ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقاتين سان ڳالهايئندي نواز شريف چيو ته عمران خان ۽ عليما خان خلاف پڪيون شاهديون موجود آهن، سندن جلد سخت احتساب ٿيندو. هن چيو ته عمران خان اهڙو کلاڙي آهي جنهن کي تماشائي جلد اسٽيڊيم کان ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيندا، سندس بنا گالا ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، امپائر جي آڱر جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان کي شرم اچڻ گهرجي، هو راند دوران هوڏ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان عوامي مئنڊيٽ کڻي آيا آهيون ۽ هي عوامي مئنڊيٽ کان وانجهيل آهن، مان ولي يا پير نه آهيان پر عمران خان انجام تائين پهچڻ وارو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان بي انتظامي ۽ نااهلي لڪائڻ لاءِ حڪومت تي الزام هڻي رهيو آهي، سندس نااهلي ملڪ کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان جي دور ۾ ڀارتي وزيراعظم پاڻ هلي پاڪستان پهتو، ڀارتي وزيراعظم کي ڪنهن قسم به قسم کڻڻ جي تقريب ۾ نه گهرايو، اسان ائٽمي ڌماڪا ڪيا ته دنيا کي پاڪستان جي اهميت جو اندازو ٿي ويو، جڏهن ڪو پاڻ وڃڻ وارو هوندو آهي ته پهريون ٻين کي اندر ڪندو آهي، موجوده حڪومت بنا ڪنهن سبب وڏن سياستدانن کي جيل موڪلي رهي آهي.  هن چيو ته اسان آءِ ايم ايف کي الوداع ڪيو پر هي سندن سامهون جهڪي رهيا آهن، مسلم ليگ ن ڀريل خزانا ڇڏيا، موٽروي ٺاهيا، اسان دهشتگردي ۽ مهانگائي گهٽ ڪري ملڪ ۾ بجلي بجلي ڪري ڇڏي، عمران خان چوندو هو ته آپگهات ڪري ڇڏيندس آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس، هن آپگهات نه ڪيو پر قوم کي آپگهات تي مجبور ڪيو.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان جي دور ۾ ڊالر ڪنٽرول ۾ رهيو، ملڪي ناڻو وڌيو، اسان جي دور ۾ ترقي جي دور ۾ ترقي جي شرح پنج ڏهائي 8 سيڪڙو تائين پهتي، هاڻي سندن دور ۾ ترقي جي شرح 4 سيڪڙو به نه رهي آهي.