جسٽس فائز خلاف حڪومتي ريفرنس، افتخار چوڌري جو سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف حڪومتي ريفرنس تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکي ڇڏيو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس تي ٻڌڻي کان اڳ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانسواءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي ريفرنس موڪلڻ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ريفرنس ۾ ڪٿي به نه چيو ويو آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪري ڪئي، ان ريفرنس سبب جج ۽ سپريم ڪورٽ جي بدنامي ٿي، سپريم ڪورٽ جي قانون موجب ريفرنس نه ٻڌڻ جوڳو آهي.  افتخار محمد چوڌري موقف اختيار ڪيو ته جج ذاتي ڪنڊڪٽ جو ذميوارهوندو آهي، خود ڪفيل ٻارڙن يا گهر واري جي ڪنڊڪٽ جو نه، وزيراعظم ڪابينا جي منظوري کانسواءِ ئي صدر کي ريفرنس موڪليو. اڳوڻي چيف جسٽس درخواست ڪئي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل صدر ۽ وزيراعظم خلاف قسم جي ڀڃڪڙي تي ڪيس هلائڻ جو حڪم جاري ڪري.

You might also like