ڀارت ۾ هما قريشي ۽ ثاقب سليم  جو جيئڻ جنجال

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت طرفان ڪشمير کي خاص حيثيت ڏيندڙ آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ بعد جتي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.

اتي ان تڪرار تي پاڪستاني سياسي اڳواڻ، شوبز شخصيتون، سماجي رڳواڻ ۽ عام عوام طرفان به ڀارت جي ان  قدم جي مخالفتن ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي ڪئي پئي وڃي.

رڳو پاڪستاني عوام ۽ شوبز شخصيتون ئي نه پر بالي ووڊ جون مسلمان شوبز شخصيتون به ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ تي سراپا احتجاج آهن ۽ هنن مودي سرڪاري جي ان ظلم خلاف سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ بابت جتي ديا مرزا، زائرا وسيم ۽ ٻين شوبز شخصيتن پنهنجو رد عمل ڏنو هو، اتي هاڻي اداڪارا هما قريشي ۽ سندس ڀاءُ اداڪار ثاقب سليم به ان معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.

هما قريشي ۽ ثاقب سليم والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت طرفان لڳايل ڪرفيو، اتان جي سياسي قيادت کي نظر بند ڪرڻ ۽ اتي وڏي انگ ۾ فوج مقرر ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو.

هما قريشي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ سنگين مسئلو آهي ۽ ان معاملي تي راءِ ڏيندي ماڻهن کي  سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي، ڪنهن کي ڪجهه سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ ٻين جي سيڪيورٽي لاءِ مسئلا پيدا نه ڪرڻ گھرجن.

اداڪارا والاريل ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو اتان جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم کان باخبر آهن، ان ڪري هو ڪا به ڳالهه ڪرڻ کان اڳ سنجيدگي جو مظاهرو ڪن.

اداڪارا طرفان ٽوئيٽ ڪرڻ کان پوءِ گھڻن ماڻهن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ هن تي پاڪستان کان ڪميشن وٺڻ جو الزام به لڳايو.

جتي ماڻهن اداڪارا کي تنقيد جو نشانو بڻايو، اتي ڪجهه ماڻهن کيس تجويز ڏني ته جيڪڏهن اهي سڀ شيون پسند نه اٿو ته پاڪستان هليا وڃو.

هما قريشي جيان هن جي ڀاءُ اداڪار ثاقب سليم کي ڪشمير معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سبب ماڻهن تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ هن کي به سندس ڀيڻ جيام  پاڪستان وڃڻ جو مشورو ڏنو.

پر ثاقب سليم پاڪستان وڃڻ جو مشورو ڏيندڙن ڇتو جواب ڏيندي چيو ته مونکي ڀارتي هجڻ تي فخر آهي ۽ ڪنهن کي ان بابت فڪرمند ٿيڻ جي ضرورت ناهي، آئون جتي به آهيان ٺيڪ آهيان.

هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ثاقب سليم هڪ شخص کي جواب ڏنو ته ڪشمير ۾ ڪجهه به ناهي ٿيو، بس اتي ڪرفيو لڳل آهي، سياسي اڳواڻن کي نظر بند ڪيو ويو، ماڻهو  هڪ ٻئي سان رابطو نٿا ڪري سگھن، اتي زندگي مفلوج آهي، پر اوهان پريشان نه ٿيو، والاريل ڪشمير ۾ ڪجهه به ناهي ٿيو.

واضح رهي ته هما قريشي ۽ ثاقب سليم جو واسطو والاريل ڪشمير سان آهي ۽ هاڻ به هنن جي خاندان جا ڪيترائي ماڻهو وادي ۾ موجود آهن ۽  گذريل ڪيترن ڏينهن کان ٻنهي اداڪارن جو پنهنجي گھرڀاتين سان ڪو به رابطو ناهي ٿي سگھيو.

You might also like