ڇا پنجاب حڪومت قبضا گروپ بڻجي وئي آهي…؟ عدالت جا ريمارڪس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ شيخ رشيد خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي کي طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڇا پنجاب حڪومت قبضا گروپ بڻجي وئي آهي؟

سپريم ڪورٽ ۾ شيخ رشيد خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته راولپنڊي جي ڊسٽرڪٽ گرلز گائيڊ جي وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي.

وڪيل عائشا حامد چيو ته شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽيو راشد شفيق گرلز گائيڊ اسڪول خالي ڪرائڻ چاهين ٿا، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار راولپنڊي انتظاميا کي حڪم جاري ڪيو هو ته گرلز ڪاليج جي زمين 99 سالن جي ليز تي آهي پر عدالتي حڪم باوجود شيخ رشيد ۽ راشد شفيق زمين خالي ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، ڇوڪرين ۽ انهن جي ٽرينرز کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، گرلز گائيڊ جون سڀ سرگرميون بيهجي چڪيون آهن، شيخ رشيد ڊي سي کي فون تي چيو ته عدالتي حڪم جي پرواهه ناهي.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته ڇا پنجاب حڪومت قبضا گروپ بڻجي وئي آهي؟ عدالت جو واضح حڪم آهي گرلز گائيڊ جي زمين تي ڪو قبضو نه ٿيندو، شيخ راشد شفيق کي چئي ته پنهنجي حد ۾ رهي، عدالتي حڪم باوجود ڀتيون ڇو ڪيرايون ويون؟ هيلي ڪاپٽر لاهڻ لاءِ ڀت ڪيرائي ۽ وڻ ڪاٽيا، گرلز گائيڊ ڇوڪرين جو ارادو آهي، ڀت ڪِرڻ سان نياڻين جو سرگرميون رڪجي ويون.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته پنجاب حڪومت نيٺ راولپنڊي ۾ ڇا ڪري رهي آهي؟ ڪمشنر، ڊي سي ۽ اهي سڀ جوابدار آهن، جن جي حڪم تي ڀت ڪِري، پنجاب حڪومت گرلز گائيڊ کي تحفظ نه ڏيندي ته ڪنهن ٻئي کي چونداسين، بهتر هوندو ته ڳالهه ايستائين نه وڃي.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته ائين نه ٿيندو ته ڳالهه ڪنهن ٻئي تائين وڃي، اڄ ئي ڀت جي تعمير شروع ڪنداسين، سپريم ڪورٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي کي سڀاڻي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like