قومي ڪرڪيٽ عمر اڪمل کي فڪسنگ جي آڇ جو انڪشاف

 

ٽورنٽو (ويب ڊيسڪ) گلوبل ٽي ٽوئنٽي ڪئنيڊا ليگ ۾ قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل کي ميچ فڪسنگ جي آڇ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڪئنيڊا ۾ کيڏي ويندڙ گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ پاڪستاني رانديگر عمر اڪمل آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ کي ميچ فڪسنگ جي آڇ بابت آگاهه ڪيو آهي.

ذريعن موجب گلوبل ليگ سان لاڳاپيل هڪ اڳوڻي پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل کي فڪسنگ جي آڇ ڪئي، جڏهن ته آءِ سي سي رانديگرن کي اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته هڪ ڀارتي بڪي پڻ ليگ ۾ سرگرم آهي، عمر اڪمل گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ اهڙي آڇ بابت انتظاميا کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ کان پي سي بي جو سڌو سنئون ڪوب واسطو ناهي، ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي جي منظوري کانپوءِ ڪرڪيٽرن کي اين او سي ڏئي ٿو.

You might also like