حڪومت دڪاندارن جي لاءِ ٽيڪس اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ٽيڪس اسڪيم جي تحت واپارين جي لاءِ بزنس لائسنس، ننڍن دڪاندارن جي لاءِ آسان ريٽرن فارم ۽ ٻين  اسڪمين جو مسودو جاري ڪري ڇڏيو.

فيڊرل بورڊ آف روينيو جي موجب ننڍن دڪاندارن جي لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم به مسودي جو حصو آهي.

ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته سمورا واپاري 30 سيپٽمبر 2019ع تائين پنهنجي ٽيڪس ريٽرن تجويز ڪيل اسڪيم جي تحت جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا.

ان کان سواءِ ڄاڻايل اسڪيم 5 ڪروڙ سالياني ٽرن اوور وارن واپارين جي لاءِ  هوندي ۽ اسڪيم جي تحت واپاري گذريل 5 سالن جا ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائي سگهندا.

ايف بي آر موجب 5 ڪروڙ رپين جي سيڙپڪاري ڪندڙ واپاري اسڪيم جي اهل هوندا پر 10 ڪروڙ رپين جا اثاثا رکندڙ واپاري اسڪيم مان فائدو کڻي سگهندا.

ٻڌايو ويو ته اسڪيم جي تحت واپارين کي سالياني 10 سيڪڙو واڌو آمدن ظاهر ڪرڻي پوندي ۽ اسڪيم جي تحت واپارين کي وڌ هولڊنگ ايجنٽ نه بڻجڻو پوندو.

ايف بي آر موجب 300 مربع فٽ جي دڪان ۾ واپار ڪندڙ ننڍو دڪاندار تصور ڪيو ويندو جنهن تي 2 سيڪڙو ٽرن اوور ٽيڪس لاڳو هوندو.

ان کان سواءِ ايف بي آر طرفان ننڍن دڪاندارن کي فڪسڊ ٽيڪس جو آپشن به ڏنو ويو آهي.

اسڪيم جي مسودي موجب ننڍا دڪاندار سال 2019ع ۾ 20 هزار، 25 هزار، 35 هزار ۽ 40 هزار جو فڪسڊ ٽيڪس ادا ڪري سگهن ٿا.

وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ننڍا دڪاندا سال 2020ع ۾ 25 هزار، 35 هازر ، 40 هزار ۽ 50 هزار جو فڪسڊ ٽيڪس ادا ڪري سگهن ٿا.

You might also like