ڪعبت الله شريف جو غلاف تبديل

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) خالص سون، چاندي جي تارن ۽ 670 ڪلوگرام خالص ريشم سان تيار ڪيل ڪعبت الله شريف جو غلاف تبديل ڪيو ويو.

مڪي شريف ۾ ڪعبت الله شريف جي غلاف جي تبديلي جي تقريب ٿي جنهن ۾ سعودي اختياري شريڪ ٿيا، غلاف جي تياري 120 ڪلو سون، 100 ڪلو چاندي جڏهن ته 670 ڪلوگرام خالص ريشم استعمال ڪئي وئي آهي،

ڪعبت الله شريف جي غلاف جي تياري تي تقريبن 70 لک سعودي ريال خرچ ٿيو، ڪعبت الله شريف جي ڊيگھه 50 فٽ ۽ ويڪر 35 کان 40 فٽ آهي.

ڪعبت الله شريف جي غلاف جي چئني ڪنڊن تي سوره اخلاص لکيل آهي ان کان سواءِ غلاف تي مختلف آيتن تي ٻڌل 16 پٽيون ڌار جوڙيون ويون آهن، ڪعبت الله جي غلاف تي  قرآن پاڪ جون آيتون سون، چاندي ۽ خالص ريشم سان لکيو ويون آهن، ڪعبت الله جي غلاف کي مڪي شريف جي دارالڪسوه فيڪٽري ۾ تيار ڪيو ويوآهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.