پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي ن ليگ کان خراب قرار….

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گيلپ جي هاڻوڪي سروي ۾ ماڻهن اقتصادي ميدان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي مسلم ليگ ن جي اڳوڻي حڪومت کان خراب قرار ڏئي ڇڏي.

 گليپ سروي ۾ وزيراعظم عمران خان جو پاسو ڳرو رهيو ۽ 58 سيڪڙو شهرين عمران خان جي انفرادي ڪارڪردگي کي اطمينان جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.

 سروي ۾ گھڻن ماڻهن اقتصادي ميدان ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪردگي کي مسلم ليگ ن کان خراب قرار ڏنو، 51 سيڪڙو ماڻهن موجوده حڪومت کي نواز شريف جي حڪومت کان خراب قرار ڏنو آهي.

 هاڪاري ڪارڪردگي تي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ٻين صوبن جي وڏن وزيرن کان ميدان ماري ورتو آهي ۽ سروي ۾ 37 سيڪڙو شهرين سندس جي ڪارڪردگي کي هاڪاري قرار ڏنو آهي.

You might also like