داد نه فرياد، ماسترياڻي جي نوڪري تيل

 

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي انتظاميا هراساني جي دانهن جو ازالو ڪرڻ بدران ماسترياڻي کي عهدي تان ئي هٽائي ڇڏيو.

فيصل آباد جي جي سي يونيورسٽي انتظاميا هراسمينٽ جو شڪار ٿيندڙ ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر سلميٰ عنبر جو داد فرياد ڪرڻ بدران کيس ئي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سلميٰ عنبر يونيورسٽي انتظاميا خلاف عدالت ۾ رٽ داخل ڪرائي ڇڏي.

ڊاڪٽر سلميٰ عنبر هڪ شاگرد خلاف هراسان ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي، جنهن تي جاچ ٿي ۽ ڊسيپلين ڪميٽي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هراساني ۾ ملوث شاگرد کي معطل ڪري يونيورسٽي ۾ سندس داخلا بند ڪري ڇڏي هئي.

ڊاڪٽر سلميٰ عنبر رٽ ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊسيپلينري ڪميٽي منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو پر وائيس چانسلر مون کي ئي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.

واضح رهي ته ماس ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ ايم فل جي شاگرد وسيم نواز 15 مئي تي ڊاڪٽر سلميٰ عنبر جي آفيس ۾ کيس گارگند ڪيو هو، واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آئي هئي، جنهن ۾ شاگرد کي گوڙ ۽ جهيڙو ڪندي ڏٺو ويو.

You might also like