جعلي اڪائونٽس ڪيس: سنڌ بئنڪ جي صدر سميت 3 آفيسرن جو راهداري رمانڊ منظور

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار سنڌ بئنڪ جي صدر سميت 3 جوابدارن کي 5 ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي عدالت جي منتظم جج جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار سنڌ بئنڪ جي گرفتار صدر طارق احسن، ايگزيڪيوٽو نائب صدر سيد نديم الطاف ۽ اڳوڻي صدر بلال شيخ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن جو جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ 5 ڏينهن جو راهداري رمانڊ ڏنو وڃي، ان تي جوابدارن جي وڪيل چيو ته اسان اڄ پنهنجي اصيل جي ٽڪيٽ ڪٽرائي ٿا ڇڏيون، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سومر تائين راهداري رمانڊ ڏنو وڃي، ڇو ته ڇنڇر ڏينهن موڪل هوندي آهي.

نيب پراسيڪيوٽر جي جواب تي جوابدارن جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته بلال شيخ کي دوائون ۽ ٻيون شيون ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن کانپوءِ عدالت جوابدارن جي گهروارن سان انهن جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، گڏوگڏ عدالت جوابدارن کي 5 ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سڀني جوابدارن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.

واضح رهي ته 10 جولاءِ تي نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي بزنس پارٽنر ۽ سنڌ بئنڪ جي صدر سميت ٽن آفيسرن کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو هو.

You might also like