فيسبڪ هواوي لاءِ پنهنجون سروسز بند ڪري ڇڏيون

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) گوگل طرفان هواوي سان ڪاروبار معطل ڪرڻ کان پوءِ فيسبڪ به مستقبل ۾ پنهنجون ايپليڪيشنز هواوي ۾ انسٽال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

آمريڪا ۽ چين ۾ جاري واپاري ڇڪتاڻ نئون رخ اختيار ڪري چڪو آهي، آمريڪي صدر طرفان چيني موبائيل ڪمپني هواوي کي بليڪ لسٽ ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي ٽيڪنالوجي ڪمپنين هڪ ٻئي سان ڪاروباري معاهدا ختم ڪري ڇڏيا آهن.

 

ان ڏس ۾ آمريڪي ڪمپني فيسبڪ هڪ قدم اڳتي وڌندي هواوي کي پنهنجي سروس ڏيڻ کان انڪار ڪندي مستقبل ۾ پنهنجون سموريون ايپليڪيشن کي هواوي موبائيل ۾ انسٽال ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

 

فيسبڪ پنهنجي ملڪيت ۾ شامل سوشل ميڊيا ويب سائيٽن، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جون سهولتون هواوي کي فراهم نه ڪندو ها پر اهڙا صارف جيڪي هواوي فون استعمال ڪري رهيا آهن اهي فيسبڪ ۽ ان جون ٻيون ايپ بنا ڪنهن ڳڻتي جي استعمال ڪندا رهندا.

 

فيسبڪ هواوي واهپيدارن کي خاطري ڪرائي آهي ته مستقبل ۾ ٿيندڙ سمورن ايپليڪيشنز جي اپٽ ڊيٽ باقاعدا سان جاري رکي ويندي، ٻئي پاسي هواوي ڪمپني فيسبڪ جي اهڙي قدم تي ڪو به ردعمل ناهي ڏنو.

You might also like