زراعت دوران پاڻي جو ضايع ٿيڻ اهم مسئلو…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته زراعت دوران پاڻي جو ضايع ٿيڻ هڪ اهم مسئلو آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته وزير اعظم مستقبل جي سوچ رکي، حڪومت جو واعدو آهي ته سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سان گڏ اڳتي وڌڻو آهي.

فواد چوڌري چيو ته پاڻي سان بيمارين جي علاج تي 800 ملين ڊالر خرچ ڪري رهيا آهيون، ليبارٽريز کي ڪمرشلائز ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته چاهي ڪنهن به اداري ۾ مقرر هجان، آئون عوام کان ووٽ وٺي آيو آهيان، منهنجو فرض آهي ته هميشه مزدور جي سان گڏ بيٺو رهان، ڪير خوش هجي يا نه پر آئون يونينز سان گڏ آهيان.

هن چيو ته اِها ڏاڍي اهم وزارت آهي، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ان کي خاص اهميت ڏني ويندي آهي، هتي ماڻهن کي هاڻ خبر پئي آهي ته اهڙي به ڪا وزارت آهي.

You might also like