نوشهري فيروز ۾ بجلي جو ڪنيڪشن ڪاٽڻ تان جهيڙو، سيپڪو ملازم رتورت

 نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهري فيروز ۾ بجلي جو ڪنيڪشن ڪاٽڻ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ سيپڪو ملازم سخت زخمي ٿي پيو.

نوشهروفيروز جي هيٺيائين چوڪ تي سيپڪو ملازم محمد منير ملڪ اٽي جي چڪي جو ڪنيڪشن کي ڪاٽي رهيو هو ته جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران سيپڪو ملازم لٺيون ۽ سيخون لڳڻ سبب مرڻينگ ٿي ويو،

 جنهن کان پوءِ نوشهروفيروز ٿاڻي تي سيپڪو ملازم محمد منير ملڪ جي فرياد تي چڪي مالڪ احسان ميمڻ، سندس ڀاءُ ارسلان ميمڻ، مبين ميمڻ ۽ طارق جوکيي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ پوليس احسان ميمڻ ۽ مبين ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن گرفتار ٿيلن جو چوڻ هو ته ٽرانسفارمر سڙي ويو هو، جنهن لاءِ سپيڪو ملازمن هنن کان چندو گھريو ، چندو نه ڏيڻ تي سيپڪو ملازمن هنن جو ڪنيڪشن ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪئي، منع ڪرڻ تي سيپڪو ملازم مٿن ڏمرجي پيو، جنهن تان جهيڙو ٿي پيو.

ٻئي پاسي واقعي خلاف نوشھرو فيروز سيپڪو ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو وڃي، سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

You might also like