فلم مليفيسنٽ ٽو جو پهريون ٽريلر جاري

لاس اينجلس ( ويب ڊيسڪ ) 2014ع جي والٽ ڊزني پڪچرز جي بلاڪ بسٽر فلم مليفيسنٽ جي ديوانن لاءِ خوشخبري آهي ته ايڪشن، ايڊونچر ۽ ٿرلر سان ڀرپور فلم مليفيسنٽ ٽو جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.

جواشم رونگ جي هدايتڪاري ۾ ٺهڻ واري اها فلم 2014ع ۾ ريليز ٿيل فلم جو سيڪوئل آهي جڏهن ته فلم جي ڪهاڻي افسانوي ڪهاڻي تي ٻڌل ڪيئي ڪتابن مان کنئي وئي آهي، جنهن ۾ انجلينا جولي ۽ ايلي فيننگايڪ هڪ ڀيرو  وري پنهنجي گذريل ڪردارن ۾ نظر اينديون.

فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ايڊ سيڪرين، هيريسن ڊڪسن، جونو ٽيمپل ۽ فرنينڊا ڊينيزا سميت ٻيا اداڪار شامل آهي.

جوئي روٿ ۽ انجلينا جولي جي گڏيل پروڊيوس ڪيل ايڪشن ۽ ايڊونچر سان ڀرپور اها فلم 18 آڪٽوبر کي سئنما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like