رپورٽ:ڊگهڙي: ڳوٺ جيئو خان نوحاڻي جو رهواسي پٽ سميت انصاف لاءِ پريس ڪلب پهتو

عوامي آواز رپورٽ
ڊگهڙي: ڳوٺ جيئو خان نوحاڻي جو رهواسي پٽ سميت انصاف لاءِ پريس ڪلب پهتو
عوامي آواز رپورٽ ڊگهڙي: ڳوٺ جيئو خان نوحاڻي جو رهواسي پٽ سميت انصاف لاءِ پريس ڪلب پهتو

ڊگهڙي ويجهو ڳوٺ جيئو خان نوحاڻي جو رهواسي سماجي اڳواڻ سونهارو نوحاڻي پنهنجي پٽ سان گڏ انصاف لاءِ پريس ڪلب پهتو.

ان موقعي تي  هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  سندس والدا  مرحومه شريفان ۽ ڀاڄائي سوڍي جي حصي جي زرعي زمين ٻڍوقمبراڻي ڀرسان ڳوٺ عبدالڪريم نوحاڻي ۾ آھي.

هن چيو ته سندس والدا جي ڀاڻيجي  ۽ سندس ڀاڄائي جي ڀاءُ  نبي بخش عرف بابو نوحاڻي سندس زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته زمين جو حق گهريو جيڪو  بابو نوحاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد عدالت جو در کڙڪايوسين ۽ سينيئر سول جج ماتلي جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايوسين.

هن چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ بعد بااثر مڇرجي پيو آهي  ۽ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي.

هن  ايس ايس پي بدين ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………

رپورٽ-ڀاون شاھه

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.