چين ۾ وڪيپيڊيا تي پابندي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين سموري ملڪ ۾ آن لائن انسائيڪلوپيڊيا، ويب سائٽ وڪي پيڊيا تائين پهچ تي پابندي لڳائي چڏي آهي.

وڪيپيڊيا  ان خبر جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته بيجنگ اختارين اپريل ۾ ئي وڪيپيڊيا جي ڪجهه ٻولين تائين پهچ روڪي ڇڏي هئي.

چين ۾ انٽرنيٽ جي سخت نگراني ڪئي ويندي آهي. ان ملڪ ۾ گوگل، فيس بڪ، ٽوئٽر، يوٽيوب ۽ واٽس ايپ استعمال نٿو ڪري سگھجي. ان ڪري چين کي تنقيد ڪندڙ ويب سائٽن  کي به سينسر سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي.

You might also like