چين جي نائب پرڏيهي وزير کي اعزاز سان نوازيو ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي نائب پرڏيهي وزير ڪونگ شوان کي صدر عارف علوي طرفان “هلال قائد اعظم” جي اعزاز سان نوازيو ويو.

چين جو نائب پرڏيهي وزير پاڪستاني سفارخاني آيو. صدر جي نمائندگي پاڪستان جي سفير مسعود خالد ڪئي.

چين جي نائب پرڏيهي وزير کي اهو اعزاز پاڪ چين دوستي لاءِ ذڪر جوڳيون خدمتون انجام ڏيڻ تي ڏنو ويو.

پاڪستاني سفير مسعود خالد چيو ته اعزاز پاڪ چين دوستي جي سلسي جي هڪ ڪڙي آهي.

مارچ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي چين جي نائب پرڏيهي وزير سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي ۽ گڏيل سهڪار بابت هٿي تي خيال ڪيو ويو هو.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. نائب چيني پرڏيهي وزير علاقائي امن لاءِ پاڪستان جي قدمن جي تعريب ڪئي.

You might also like