چين ڪشمير معاملي تي پاڪستان جي حمايت ڪندو….!

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چين والاريل ڪشمير جي معاملي تي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندو.

والاريل ڪشمير جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي چيني حڪومت کي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ موجود آهي.

شاهه محمود قريشي هنگامي دوري ۾ چيني هم منصب سان ملاقات لاءِ اسٽيٽ گيسٽ هائوس پهتو ته ان جي وفد سندس پرجوش استقبال ڪيو ۽ پاڪ چين دوستي زندهه آباد جا نعرا لڳايا ويا.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيني هم منصب وانگ زي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن ڀارت جي غير آئيني قدمن تي خدشن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اڍائي ڪلاڪن جي ڊگھي ملاقات ٿي.

ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڀارتي خدمن خلاف سيڪيورٽي ڪائونسل وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ چين پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪندو.

هن چيو ته چين پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندو، چين ۽ پاڪستان وزارتون ۽ مشنز پاڻ ۾ رابطو جاري رکندا.

شاهه محمود قريشي موجب چين اڄ هڪ ڀيرو وري ثابت ڪيو ته هو پاڪستان بااعتماد دوست آهي، چين سان دوستي اڄ به لازوال آهي، ان تي جيترو فخر ڪيو وڃي گھٽ آهي.

سندس چوڻ هو ته چيني پرڏيهي وزير پاڪستان جي موقف جي مڪمل حمايت ڪئي آهي ۽ اتفاق ڪيو ته ڀارتي قدم هڪ طرفا آهن، اهڙن قدمن سان ڄمون ۽ والاريل ڪشمير جي اسٽيٽس ۾ تبديلي آئي آهي، هن اتفاق ڪيو ته ڀارتي قدمن سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطرا ٿي سگھن ٿا.

پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته چيني پرڏيهي وزير اتفاق ڪيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري مسئلو هيو ۽ آهي، ڪشمير مسئلي جو حل به گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني ۾ ٿيڻ گھرجي، چين مسئلي جو پر امن حل چاهي ٿو ته جيئن ڇڪتاڻ ۾ واڌ نه ٿئي جڏهن ته چيني اختيارين کي ٻڌايو ته ڀارت پلوامه جهڙي حرڪت ٻيهر ڪري سگھي ٿو.

You might also like