چڪن پشاوري تڪو

شيون:

ڪڪڙ جو گوشت: ڏيڍ ڪلو (چڪن تڪي جي اسٽائيل ۾ ڪٽرايو)

ڪچو پپيتو: (پيٺل) ڏيڍ انچ جي ٽڪرن ۾

ٿوم: (6 ڳڙيون) پيٺل

ادرڪ: (پيٺل) هڪ انچ جي ٽڪرن ۾

جائفل پائوڊر: 1 چپٽي

ڏهي: کائڻ جا 3 چمچا

انب چور:1 چانهه جو چمچو

زيرو پائوڊر:1 چانهه جو چمچو

لوڻ: ذائقي موجب

ڳاڙهن مرچن جو پائوڊر: چانهه جو ڏيڍ چمچو

ٽماٽو ڪيچپ: 2 کائڻ جا چمچا

اجوائن: (پيٺل) 1 چپٽي

ڪارا مرچ ثابت: (ڪٽيل) 6 عدد

ننڍو ڦوٽو: 3 عدد

ليمي جي رس: 1 کائڻ جو چمچو

گيهه: کائڻ جو 1 چمچو

پيالي ۾ ڪچو پپيتو، ٿوم، ادرڪ، جائفل پائوڊر، ڏهي، انب چور، زيرا پائوڊر، لوڻ، ڳاڙها مرچ، ٽماٽو ڪيچپ ۽ اجوائن وجهي مڪس ڪيو. گوشت جي ٽڪرن کي ڌوئي خشڪ ڪري مڪس ڪيل مصالحي کي ان تي سٺي طريقي لڳائي ٻه کان ٽئي ڪلاڪن تائين فرج ۾ ميري نيٽ ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيو.

ان کان پوءِ ڪڍي شيخن ۾ وجهي ٻرندڙ ڪوئلن تي رکي گولڊن ٿيڻ تائين سيڪي وٺو جڏهن برائون ٿي وڃي ته ڪڍي ڪري پليٽ رکي ان جي مٿان ڪارا مرچ، ڦوٽا، ليمي جي رس ۽ تيل گڏائي چڱي ريت لڳايو.

اوهان جو مزيدار پشاوري ڪباب تيار آهي. سلاد ۽ پراٺن سان سرو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.