Browsing Category

نڪور خبرون

وينزويلا ۾ فوجي هيلي ڪاپٽر تباهه، ست آفيسر حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراڪس ( ويب ڊيسڪ ) وينزويلا ۾ فوجي هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ست اهم فوجي آفيسر فوت ٿي ويا آهن.  پرڏيهي خابرو اداري موجب وينزويلا جي گادي واري شهر ڪراڪس ۾ فوجي آفيسرن کي کڻي سان ڪارلوس ڏانهن اڏام ڀريندڙ هيلي ڪاپٽر خرابي سبب…

وزيراعظم جي شاهه محمود ۽ جهانگير ترين کي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين سان ملاقات ڪري اختلاف ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ٻه ڏينهن اڳ جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشي سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽…

مون استعفيٰ ناهي ڏني: شهباز سينيئر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي سيڪريٽري شهباز سينيئر استعفيٰ جي ترديد ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته مون استعفيٰ ناهي ڏني، استعفيٰ جون خبرون ڏسي حيرت ٿي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ٻن وڏن جا اختلاف کلي سامهون اچي ويا. صدر هاڪي فيڊريشن…

وزيراعظم اسد عمر کي آءِ ايم ايف جي خواهش تي هٽايو: خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسد عمر جي تبديلي پويان آءِ ايم ايف آهي،  وزيراعظم اسد عمر کي آءِ ايم ايف جي خواهش تي هٽايو آهي. هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته منهنجي ڄاڻ آهي ته اسد عمر کي هٽائڻ لاءِ باقر رضا کي…

والاريل ڪشمير ۾ بي جي پي اڳواڻ قتل….

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ حڪمران پارٽي بي جي پي جي مقامي اڳواڻ گل محمد مير کي سندس گهر ۾ هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ ۾ هٿياربندن ڀارتيه جنتا پارٽي جي ڊسٽرڪٽ نائب صدر…

چنڊ ڏسڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت چنڊ ڏسڻ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي فواد چوڌري چيو ته  ڪميٽي ايندڙ 10 ڪمري سالن جو ڪلنيڊر جاري ڪندي. هن چيو ته ڪميٽيءَ ۾ اسپارڪو، موسميات کاتي، ٽيڪنالوجي…

شهباز شريف جلد پاڪستان اچي ويندو: اياز صادق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ مسلم ليگ ن اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته شهباز شريف جلد لنڊن مان واپس اچي ويندو. هڪ انٽرويو ۾ اياز صادق چيو ته پيپلز پارٽي کي جيڪڏهن پي اي سي جي نئين چيئرمين تي اعتراض آهي ته شهباز شريف کي…

عوام صبر کان ڪم وٺي، ڏکيائيون جلد ختم ٿينديون: پرويز خٽڪ

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته عوام جون سموريون ڏکيائيون جلد ختم ٿي وينديون،  بس 6 کان 8 مهينا صبر ڪيو وڃي. بختي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته  وزيراعظم عمران خان حقيقي معنيٰ ۾ پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي…

حڪمرانن معيشت آءِ ايم ايف حوالي ڪري ڇڏي آهي: مصطفيٰ نواز کوکر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته قرض تي آپگهات تي ترجيح ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙن ملڪ آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ناڻي واري وزير کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ…

مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ڪراچي ۾ ٿيندو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ  مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي. مفتي منيب الرحمان جي صدارت هيٺ هيٺ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس موسميات کاتي ڪراچي جي آفيس ۾ سج لٿي جي نماز کانپوءِ ٿيندو. زونل چنڊ…