خوبصورت هٿ ۽ پير پُرڪشش شخصيت جو راز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ان ۾ ڪو به شڪ ناهي هر ماڻهو پاڻ کي خوبصورت رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر چهري جي سونهن سان گڏوگڏ خوبصورت هٿ ۽ پير به توهان جي شخصيت کي پرڪشش بڻائيندا آهن.

جتي چهري جي خوبصورتي لازمي آهي، اتي ئي وري هٿن ۽ پيرن جي خوبصورتي پڻ اهميت رکي ٿي.

هٿن جي جلد ڏاڍي حساس هوندي آهي، جنهن جي موسم جي تبديلين دوران حفاظت تمام ضروري آهي.

ٿڌ هجي يا گرمي، هٿن ۽ پيرن جي خوبصورتي برقرار رکڻ لاءِ سدائين ڪريم جو استعمال ڪيو، جڏهن ته هفتي ۾ ٻه ڀيرا هٿن تي ليمي جي رَس ضرور مَليو.

ان کانسواءِ 10 منٽ پاڻي سان هٿ ڌوئي هينڊ لوشن لڳائڻ سان به هٿ نرم ٿي ويندا آهن، جڏهن به توهان کي وقت ملي ته پنهنجي آڱرين کي ٽائپنگ جيان حرڪت ڪرايو. اهڙي عمل سان توهان جي هٿن جي لچڪ برقرار رهندي.

You might also like