ڪرينا ڪپور ” پوڙهي “ ٿي وئي…!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ بيبو ڪرينا ڪپور پنهنجن تازين سيلفين سبب سوشل ميڊيا تي واهپيدارن جي ور چڙهي وئي آهي، ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين کيس ” آنٽي“  ته ڪنهن ” پوڙهي چئي ڇڏيو.

بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور اڄڪلهه اٽلي جي شهر تسڪيني ۾ پنهنجي مڙس اداڪار سيف علي خان ۽ پٽ تيمور علي خان سان موڪلون گذاري رهي آهي، موڪلن دوران هوءَ سوشل ميڊيا تي وقت به وقت سيلفيون پڻ شيئر ڪري رهي آهي.

ڪرينا ڪپور جي مئنيجر سندس هڪ سيلفي  شيئر ڪندي لکيو ته اسان اوهان کي ياد ڪري رهيا آهيون، سندس اها ئي سيلفي ڪجهه  فين پيجن  به شييئر ڪئي.

ان سيلفي جي شيئر ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي ڪرينا ڪپور جي چهري تي نمايا ٿيندڙ جهرين سبب سندس عمر  جو مذاق اڏايو ويو .

هڪ صارف ڪمنٽ ڪندي لکيو ته  پوڙهي نظر اچي رهي آهي، ته ٻئي لکيو ته  ڪرينا هاڻ پوڙهي لڳي رهي آهي، عمر واضح ٿي رهي آهي.

ڪمنٽن جو سلسلو شروع ٿيو ته ڪرينا جي فٽنس کي به نشانو بڻايو ويو، هڪ واهپيدار لکيو ته  خبر ناهي ڪڏهن کان ماني نه کاڌي اٿائين.

سوشل ميڊيا تي واهپيدارن وڌيڪ لکيو ته  تصوير ڪڍڻ کان پهريان گلوڪوز جي بوتل چاڙهائي وٺين ها، اوهان بيمار لڳي رهيون آهيون، کيس ڪو گلوڪوز ته ڏي، ڏاڍي ڪمزور نظر اچي رهي آهي.

You might also like