ناميارو صحافي، اديب ۽ ليکڪ اسلم آزاد لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي   (ويب ڊيسڪ)  ناميارو صحافي، ليکڪ ۽ اديپ اسلم آزاد ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

اسلم آزاد کي طبيعت تمام گهڻي خراب هجڻ ڪري وينٽي لينٽر تي رکيو ويو هو. جيڪو اڄ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

 اسلم آزاد جي پُٽ مهراڻ سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسلم آزاد کي  حيدرآباد نيو پيو وڃي، جتي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي ويندي.
اسلم آزاد جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿيڻ کانپوءِ کيس حيدرآباد مان ڪراچي جي نجي اسپتال نيو ويو هو.

 ڊاڪٽرز جو چوڻ هو ته دل جي دوري جي جهٽڪن ، ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ سان گڏ جيري جي عارضي ۾ به مبتلا هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.