اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پنجاب ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پنجاب هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.

اينٽي ڪرپشن طرفان جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آگسٽ 2019 تائين 108 ارب رپين جي تاريخي وصولي ٿي، جنهن مان هڪ ارب کان وڌيڪ رقم سڌي ريت وصول ڪئي وئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: خورشيد شاهه 9 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اينٽي ڪرپشن هڪ سال ۾ لڳ ڀڳ 103 ارب 43 ڪروڙن جي زمين آجي ڪرائي، اهڙي ريت 2 ارب 81 ڪروڙ رپين جي ان ڊائريڪٽ ريڪوري به ڪئي.

رپورٽ موجب اينٽي ڪرپشن پنجاب کي 2 لک 65 هزار کان وڌيڪ شڪايتي درخواستون وصول ٿيون، جن مان 27 هزار کان وڌيڪ کي حل ڪيو ويو، 5 هزار 4 سئو کان وڌيڪ جي جاچ شروع ڪئي وئي ۽ 8700 کان وڌيڪ درخواستن تي فيصلو ٻڌايو.

اينٽي ڪرپشن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ 1509 ڪيس رجسٽر ٿيا ۽ 2014 کان جاري ڪيسن جو فيصلو به ٻڌايو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.