آمريڪا ۽ ايران پنهنجو تڪرار ڪيئن حل ڪري….؟ پاڪستان ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايران ۽ آمريڪا تي زور ڏنو آهي ته ٻئي ملڪ ” تحمل“ جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنجي تڪرار کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪن.

اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ”خليج“ ۾ ظاهر ٿيل سياسي تڪرار کي پريشان ڪندڙ قرار ڏنو.

هن چيو ته واشنگٽن خليج فارس ۾ بحري جنگي ٻيڙو ۽ بي 52 بمبار مقرر ڪري نار ملڪن ۾ پهرين کان پيش ڇڪتاڻ ۽ نازڪ سيڪيورٽي صورتحال ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان واضح ڪيو ته معمولي غلط فهمي ڪنهن وڏي تڪرار جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي.

ڊاڪٽر محمد فيصل تصديق ڪئي ته متحده عرب امارات (يو اي اِي) جي حڪومت 572 پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته امارات ۾ پاڪستاني سفارتخانو لاڳاپيل اختيارين سان مسلسل رابيط ۾ آهي ۽ قيدين جي جلد آزادي جي ڪوشش ۽ وطن واپسي جي سمورن مرحلن جو جائزو وٺي رهيا آهيون.

هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته قوم جلدي ئي سعودي عرب ۾ قيد پاڪستانين جي آزادي جي خوشخبري ٻڌائيندو.

هن ٻڌايو ته آمريڪا 50 پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ مان بي دخل ڪري ڇڏيو جيڪي خاص جهاز ذريعي وطن پهچندا.

You might also like