چئلينج ضرور آهن پر بهتري ايندي: اسٽيٽ بئنڪ گورنر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر چيو آهي ته پاڪستان معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر صورتحال بهتر پئي ٿئي، هڪ سال کانپوءِ حالتن ۾ گهڻي بهتري ايندي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي رضا باقر چيو ته پاڪستان جي معيشت کي ٻه چئلينج پيش آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو تاريخ جي بلند ترين سطح مطلب ماهوار ٻه ارب ڊالرن تائين پهچي ويو هو، ڪجهه سال اڳ ماهوار ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻڙي هو، ٻيو چئلينج مالياتي خسارو آهي، قرضن ۽ بجيٽ خساري ۾ وڏو اضافو ٿيو، انهن ٻنهي مسئلن کي حل ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي ماهوار هڪ ارب ڊالر تي اچي ويو آهي، نئين بجيٽ ۾ مالياتي خساري ۾ گهٽتائي لاءِ قدمن کنيا ويا، وزيراعظم بچت مهم واري پاليسي اختيار ڪئي، اسان کي مستقبل لاءِ پراميد رهڻ گهرجي، صورتحال ۾ بهتري آئي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان کي برآمد ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، ايڪسچينج ريٽ سان برآمد ڪندڙن کي فائدو ٿيو پر اهو مستقل حل ناهي، جيڪي ماڻهو ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن انهن کان مدد جي ضرورت آهي، ٽيڪس چوري ڪندڙن کي ٽيسٽ نيٽ ۾ آڻڻو پوندو.

رضا باقر موجب پاڪستان جو معاشي آئوٽ لڪ هاڪاري آهي، اسان درست رستي ڏانهن وڃي رهيا آهيون، منصفاڻي ٽيڪس سسٽم تي ڪم ٿي رهيو آهي، اسان کي گڏجي سخت محنت ڪرڻي آهي.

You might also like