موري ڪامڻ ۽ بگ سميت ڪيترين ئي بيمارين کان بچائي ٿي!

زمين اندر پيدا ٿيندڙ سبزين مان موري عام طور تي سياري جي موسم ۾ ٿيندي آهي، نه رڳو مختلف کاڌن ۾ پر موريءَ کي سلاد طور استعمال ڪرڻ سان گڏ ان جو جوس ٺاهي به پي سگهجي ٿو. تيز، مٺي ۽ ڪوڙي ذائقي جي ڪري ان جا صحت لاءِ به ڪيترائي فائدا آهن جڏهن ته موري پنج بيمارين لاءِ علاج طور به استعمال ڪري سگهجي ٿي.

نمبر هڪ ڪامڻ جي بيماري

رت کي صاف ڪرڻ جي صلاحيت جي ڪري موريءَ کي جگر ۽ معدي جي دوست سبزي چيو ويندو آهي، ڪامڻ يا سائي جي بيماري ۾ جڏهن ڳاڙها سيل ختم ٿيڻ لڳندا آهن اهڙي صورتحال دوران موريءَ جو استعمال تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو آهي. هيپاٽائيٽس اي، بي يا سي جي مرض دوران موري کائڻ سان گڏ ان جي پنن جو عرق به بيماري مان ڇوٽڪاري ڏيندو آهي.

نمبر ٻه بَگ جي بيماري

بَگ چمڙي جي هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن جو هن وقت تائين سائنس ۾ ڪو به علاج موجود ناهي ان بيماري ۾ انسان جي چمڙيءَ تي اڇا داغ ٿي ويندا آهن جيڪي آهستي آهستي وڌندا سڄي جسم تي ڦهلجي وڃن ٿا. اهو چيو وڃي ٿو ته ان بيماري لاءِ موريءَ جي ٻج جو استعمال فائديمند ثابت ٿيندو آهي، جڏهن ته ٻج کانسواءِ موري کائي به بَگ مان ڇوٽڪارو آڻي سگهجي ٿو.

نمبر ٽي سهڪي ۽ کنگهه جو علاج

موري اهڙي موسم ۾ ٿئي ٿي جڏهن ٿڌ پوڻ جي ڪري ساهه ۽ کنگهه جا مسئلا عام هوندا آهن، اها خوشقسمتي چئبي ته سياري جي بيمارين سان گڏ قدرت ان جو علاج به مهيا ڪري ڇڏيو آهي، موري جو استعمال کنگهه ۽ نزلي کي ختم ڪرڻ سميت ڦڦڙن کي صاف ڪندو آهي ۽ ساهه جي تڪليف مان مڪمل طور تي ڇوٽڪارو ڏئي ٿو.

نمبر چار تيز بخار جو علاج

سياري جي موسم ۾ تيز بخار عام مسئلو هوندو آهي جيڪو فوري طور تي گهٽ يا ختم به ناهي ٿيندو، پر جيڪڏهن جسم جو گرمي پد فوري طور تي گهٽائڻو هجي ته موري جي رس ڪڍي ان ۾ ٿورو لوڻ ملائي مريض کي پيئارجي ته پندرهن منٽن ۾ بخار گهٽجي ويندو.

نمبر پنج قبضي ۽ بواسير جو علاج

اهي ماڻهو جن کي قبضي جي گهڻي شڪايت ٿئي ۽ اها بواسير جو صورت اختيار ڪري وڃي انهن کي پنهنجي خوراڪ ۾ موري ضرور شامل ڪرڻ گهرجي، موريءَ ۾ دير سان هضم ٿيندڙ ڪاربوهائڊريٽس هجڻ جي ڪري ان جو اثر گهڻي وقت تائين جسم ۾ رهندو آهي جنهن جي ڪري قبضيءَ مان ڇوٽڪارو ملي وڃي ٿو.

ان سان گڏ موري کائڻ سان معدي جي تيزابيت ۽ ٻين بيمارين مان به ڇوٽڪارو ملندو آهي. لڳاتار موري کائڻ سان مثاني جي گرمي ختم ٿي ويندي آهي. موري جي تاثير جي ڪري هٿن پيرن جو ساڙو ختم ٿي وڃي ٿو.لڳاتار موري کائڻ سان يورڪ ايسڊ جا مسئلا به ختم ٿي ويندا آهن.

عمر جي وڌڻ سان ماڻهن ۾ جوڙن جو سور عام بڻجي ويندو آهي جڏهن ته مختلف غير معياري کاڌن جي استعمال جي ڪري اڄڪلهه اهو نوجوانن ۾ به عام ٿي ويو آهي انکانسواءِ عورتون ان مسئلي جو مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون پر جيڪڏهن موري جو استعمال پنهنجي زندگي ۾ شامل ڪيو وڃي ته جوڙن جي سور جا مسئلا به ختم ٿي ويندا آهن. موري گردن جي بيمارين کان بچائيندي آهي ۽ گردن جي صفائي ڪري انهن کي رت فلٽر ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏيندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته گردن جي پٿري دوران حڪيم موري يا موريءَ جو پائوڊر استعمال ڪرڻ جو چوندا آهن جنهن سان گردن جي پٿري فوري طور تي ڀُري نڪري ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.