ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ سيڪڙو وياج تي قرض مليو آهي: پلاننگ ڪميشن

اسلام آباد(م ڊ) سيڪريٽري پلاننگ ڪميشن ظفر علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ پاڪستان کي 40 سالن لاءِ هڪ سيڪڙو وياج شرح تي قرض مليو آهي، جنيوا ڪانفرنس تي ميڊيا بريفنگ ۾ هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ملندا، ايندڙ مهيني کان عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشيائي انفرا اسٽرڪچر اينڊ انويسٽمينٽ بئنڪ مان به فنڊ اچڻ شروع ٿي ويندا، هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرن تي 3 سالن دوران 8 ارب ڊالر خرچ ڪندي، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ حڪومت هيل تائين ڏيڍ ارب ڊالر خرچ ڪري چڪي آهي، آءِ ايم ايف سان حڪومت جون ڳالهيون جاري آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.