ڪنڌڪوٽ ۾ اٽو بليڪ تي وڪرو، شهرين جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ۾ اٽو مھانگو بليڪ تي وڪرو ٿيڻ ۽ روز مره جي استعمال وارن شين جي اگھن ۾ تيزي سان واڌ خلاف دلمراد ڏاھاڻي،ظريت بجاراڻي،شھنواز مرھيٽو،الطاف بنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سٽي پارڪ کان ڪارڪنن پلي ڪارڊ جھنڊا کڻي انصاف ناھي ڇو ڀلا، اٽو ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردار نعرا ھڻندا گھنٽا گھر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو ته فوڊ گدامن ۾ ججھي مقدار ۾ ڪڻڪ پيل آھي جيڪو خراب ٿي رھيو آھي ڪوئا کائي رھيا آھن غريبن کي سازش تحت بليڪ تي اٽو ۽ روز مره جي شين جا اگھ مھانگا ڪري غريبن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.