ملير ۾سڙي زخمي ٿيل بيواهه جي ٻار جو پئسا نه هئڻ ڪري علاج نه ٿيو، سهائتا جي اپيل

ملير(ڊ.ر) ملير جي علائقي ٿانهر ڳوٺ ۾ 8 ورهن جو معصوم ٻارڙو غلام مرتضيٰ گهر ۾ چلهي مان باهه ۾ سڙي شديد زخمي ٿي پيو،  علاج جا پئسا نه هجڻ ڪري ٽن ڏينهن کان گهر ۾ بي يارو مددگار بڻيل، ان سلسلي ۾ نينگر جي امڙ امينا بي بي صحافين کي ٻڌايو ته اسان غريب آهيون منهنجا چار ٻارڙا آهن مان گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري ٻچن جو گذر سفر ڪندي آهيان، ان ڏينهن مان ڪم تي هئس ته گئس جي چلهي مان باهه لڳڻ سبب منهنجو معصوم ٻارڙو 90 سيڪڙو سڙي زخمي ٿي پيو آهي ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوجود پئسا نه هجڻ ڪري علاج نه ڪرائي سگهي آهيان، هن وس وارن کان اپيل ڪئي ته منهنجي ٻارڙي جو علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.