حيدرآباد ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو، نينگري سميت 2 ڄڻا زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي هالا ناڪي واري علائقي ۾  هوٽل تي ويٺل ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ ۾ ڇرا لڳڻ سبب موٽرسائيڪل تي سواري واٽهڙو علي رضا چنڊ ۽ سندس 10 ورهين جي نياڻي عافيا زخمي ٿي هيٺ ڪري پئي، واقعي جي اطلاع تي هٽڙي ٿاڻي جي پوليس پهچي زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪرايو، جهيڙو ڪري فائرنگ ڪندڙ ٻن ڄڻن عبدالمنان ۽ محمد خان کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. پوليس موجب پيسن جي ڏيتي ليٽي تان پٺاڻن ۾ پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن دوران رپيٽر جا فائر ڪيا ويا، ان دوران ڇرا لڳڻ سبب ڌي ۽ پي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گرفتار ٻنهي ڄڻن کان جاچ ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.