ڏهرڪي ۾ سستي اٽي جي اسٽالن تي ڏارو ۽ بوسو وڪرو، شهرين جو احتجاج

ڏهرڪي ( رپورٽ:  اجيت ڪمار ) ڏهرڪي ۾ قائم ايس ايس ڊي فلور مل،سن شائن فلور مل،سميجا فلور مل،عبدالحق فلور مل،فائيو اسٽار فلور مل ۽ ٻين فلور  ملز مالڪن پاران سستي اٽي جي اسٽال تي موڪليل اٽو ناقص ۽ غير معياري هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي۔ ، جنهن بعد اٽو خريد ڪرڻ لاءِ ايندڙ شهرين جي شڪائتن تي مختيارڪار ڏهرڪي اشرف پتافي سستي اٽي جي لڳل اسٽال تي پهچي فلور ملز مالڪن پاران موڪيل اٽي جا بيگ کولي اٽو چيڪ ڪيو ته اٽي ۾ ڏارو ۽ بوسو جي ملاوٽ ظاهر ٿي پئي، جنهن بعد سستي اٽي جي اسٽال تي فلور ملز مالڪن پاران غير معياري اٽو موڪلڻ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شهرين ۽ ڳوٺاڻن امير بخش، ساجد علي، علي اصغر شيخ، ديوان ڪمار ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پاران غريب ماڻهن کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ڏهرڪي جي فلور ملن کي سبسڊي طور سرڪاري ريٽ تي ڪڻڪ جاري ڪئي آهي، پر فلور ملز مالڪ خوراڪ کاتي جي ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري سرڪار پاران موڪليل ڪڻڪ وڌيڪ ريٽ تي وڪرو ڪري سستي اٽي جي لڳل اسٽال تي بوسو ۽ ڏارو مليل ناقص اٽو موڪلي رهيا آهن جيڪو اٽو انساني جانين لاءِ نقصان قار آهي، ٻئي پاسي مختيار ڪار اشرف پتافي اعتراف ڪندي چيو ته شهرين جون ناقص اٽي جون دانهيون جائز آهن جڏهن ته مان پاڻ جڏهن ته فلور مل مالڪن پاران موڪيل اٽو چيڪ ڪيو ته اهو غير معياري ۽ نقاص هو جنهن بابت آءُ ڊي سي گهوٽڪي ۽ ڊي ايف سي گهوٽڪي کي ان بايت آگاهه ڪندس .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.