خيرمحمد آريجا ( ن ع آ ) آريجا لڳ نئي گڏ بوائز ھاءِ اسڪول جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن توڙي استادن امتحاني فيس اوڳاڙڻ خلاف ٻئي ڏينهن به ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي استادن اختر حسين کوھارو، محمد علي آريجو ۽ شاگردن محبوب علي سولنگي، اسلم علي، حاڪم علي ھليو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پاران مفت تعليم جي اعلان باوجود امتحاني فيس اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي، لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ عدالتي حڪمن کي به ٿڏيندي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحاني فيس اوڳاڙي رهي آهي، وڏو وزير ۽ تعليم وارو صوبائي وزير نوٽيس وٺي.