جوهي ۾ نوجوان تي ڪيس داخل ڪرڻ وارو معاملو، احتجاج جو چتاءٌ

جوهي ( ن ع آ ) جوهي جي رهواسي نوجوان عبدالوحيد باهوٽو کي جوهي پوليس بلا جواز گرفتار ڪري مٿس چرس وڪرو ڪرڻ جو ڪوڙو  ڪيس داخل ڪرڻ تي ڊي ايس پي جوهي ،ايس ايڇ او جوهي خلاف  باهوٽه برادري  ايس يو پي ۽ ٻين  رشتيدارن پاران هنگامي پريس ڪانفرنس  ڪندي  غلام نبي باهوٽو ،  غلام قادر لغاري ، روشن علي باهوٽو ،  بشير احمد باهوٽو  ۽ ٻين چيو ته جوهي پوليس جوهي ۾ هلندڙ جوا منشيات فحاشي اڏن ۽ سماجي برايون ڦھلائيندڙ کي ڪڏنهن به گرفتار ناهي ڪيو پوليس کي سڀ خبر آھي ته ڪير ڏوهاري آھي ڪير ڏوهاري ناهي افسوس جو هڪ نوجوان کي هوٽل ٻاهران گرفتار ڪري آزاد ڪرڻ لاء  وارثن کان ٻه لک رپين جي ڊمانڊ ڪئي نه ڏيڻ تان ان نوجوان مٿان چرس وڪرو جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڊسٽرڪٽ دادو جيل واڙي ڇڏيو آھي هنن چيو ته جوهي ٿاڻي تي اڌ کان وڌيڪ شھر جو عملو مقرر ھئڻ ڪري ڏوهن تي ضابطو اچي ناهي سگهيو سر عام جوا منشيات جا اڏا هلن ٿا جن جي سرپرستي ڊي ايس پي ايس ايڇ او ڪري رهيا آھن جتان هر مهيني لکين رپيا وصول ڪري نوجوان شاگردن جي زنگي زهر ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته جوهي ٿاڻو ڏوهاري ماڻھن جي آماجگاه بڻجي ويو آھي  قانوني ڪاروائي ڪرڻ جا اختيار وڏو منشي ننڍو منشي صوبيدار بدران  وڏيرن ۽ ڀوتارن جي هٿ ۾ هئڻ ڪري نوجوانن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن آخر ۾ ھنن آء جي سنڌ ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي نوجوان عبدالوحيد باهوٽو مٿان چرس وڪرو ڪرڻ جو داخل ڪوڙي ڪيس جي انڪوائري ڪرائي ملوث عملي خلاف قانوني قدم کڻي انصاف ڏياريو وڃي , نه ته ٻي صورت ۾ باهوٽه برادري ۽ سياسي سماجي مذھبي تنظيمن طرفان جوهي پوليس خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.