جنيوا ۾ گڏ ٿيل رقم سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ خرچ ٿيندي: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ماڻهو ڳالهيون ٿا ڪن مان ڊيل ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪيس ڪراچي منتقل ٿي ويو آهي، مان اڄ به اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان، ڪيترن ئي سالن کان اسلام آباد جي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهيون.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اسان ان ڪيس ۾ پيش ٿي رهيا آهيون، جيڪو عوام جي مفاد جو منصوبو هو، نوري آباد پاور پلانٽ پراجيڪٽ ڪي اليڪٽرڪ جو سڀ کان سستو منصوبو آهي، ان ريفرنس ۾ اسان جي درخواست تي نيب جواب ڏيڻ کان انڪاري آهي.

هن چيو عدليا کي درخواست آهي ته ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، اهو ڪيس ٺهي ئي نٿو، نه ته 6 سال ٽنگيل نه هجي ها، نيب سان به حساب ڪتاب ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته اسان ڊيل ڪندڙ ناهيون ڪو ٻيو آهي، جڏهن ته ڪنهن هڪ شخص جي مرضي سان چونڊون نه ٿينديون، اسيمبلي جو مدو آگسٽ 2023 تائين آهي.

مراد علي شاهه چيو ته عمران خان ڪنهن به کاتي ۾ ناهي، ڪرسي جو ايترو ئي شوق اٿس ته پنجاب جو وڏو وزير بڻجي وڃي، عمران خان پنهنجي انا خاطر ملڪ کي ڏکيائين ۾ وجهي رهيو آهي.

وڏي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪوششن سان 10 ارب ڊالر گڏ ٿيا، اها رقم سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ خرچ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.