نارنگيون کائڻ سان اٺ بيمارين کان بچي سگهجي ٿو

نارگيون سياري جي موسم جو اهڙو ميوو آهن جيڪي نه رڳو وڻندڙ پر صحت لاءِ به ڪيترن ئي فائدن واريون آهن. شايد ڪنهن کي خبر نه هجي پر نارنگين کي سياري جي ميون جو بادشاهه ميوو چيو ويندو آهي.

نارنگين يا مالٽي ۾ ڇاهٺ سيڪڙو ڪيلوريز، ڇهاسي سيڪڙو پاڻي، هڪ گرام کان مٿي پروٽين، پندرهن گرام ڪاربز، ٻارهن گرام مٺاڻ، ٽي گرام فائبر، ٻيانوي سيڪڙو وٽامن سي، نوَ سيڪڙو فوليٽ، پنج سيڪڙو ڪيلشيم ۽ پنج سيڪڙو پوٽاشيم موجود آهن جڏهن ته انهن فيٽ جو مقدار موجود ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي ته اهي ماڻهو جي صحت لاءِ تمام گهڻيون فائديمند آهن.

اڄ اسان نارنگين جا اهڙا اٺ فائدا ٻڌائينداسين جن کي ٻڌڻ کانپوءِ هر ڪو نارنگيون کائڻ شروع ڪري ڇڏيندو.

نمبر هڪ وزن ۾ لاٿ

وڌيل وزن ماڻهو لاءِ مختلف مسئلن ۽ بيمارين جو سبب بڻبو آهي اهو ئي سبب آهي جو اهي مختلف ٽوٽڪا استعمال ڪندا رهندا آهن، اهڙي ماڻهن لاءِ نارنگي بهترين چونڊ ٿي سگهي ٿي، ڇو ته اها ٿولهه گهٽائڻ جي حوالي سان وڏي مددگار ثابت ٿيندي آهي.

نمبر ٻه ڪينسر کان بچاءُ

ڪينسر هڪ اهڙو خطرناڪ مرض آهي جنهن جو نالو ٻڌڻ سان ئي ماڻهو جا لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن پر نارنگيون کائيندڙ ماڻهن ۾ ان موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جا خطرا تمام گهٽجي ويندا آهن.

نمبر ٽي قبضي جو خاتمو

قبضي کي بيمارين جي ماءُ چيو ويندو آهي جيڪا عام طور تي طرز زندگي جي ڪري به ٿيندي آهي پر جيڪڏهن نارنگين يا مالٽي جو لڳاتار استعمال ڪيو وڃي ته توهان ان مرض کان به بچي سگهو ٿا جيڪو ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻبو آهي.

نمبر چار هاضمي جو نظام

جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي معدي يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري هاضمي جو مسئلو ٿي پوي ته ان جي زندگي عذاب بڻجي ويندي آهي پر نارنگيون کائڻ واري ماڻهن کي اهڙو ڪو به مسئلو ناهي ٿيندو جنهن جي ڪري انهن جو هاضمي جو نظام خراب ٿئي.

نمبر پنج مهارن جا مسئلا

ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪمزور هجڻ جي ڪري ڏندن ۽ مهارن مان رت وهندي رهندي آهي جيڪو عمل انهن لاءِ پريشاني ۽ شرمندگي جو سبب بڻجي ويندو آهي، پر نارنگين ۾ وٽامن سي جي ججهي مقدار جي ڪري انهن جو استعمال مهارن مان رت وهڻ کي بند ڪري مهارن ۽ وات جي صحت بهتر بڻائيندو آهي.

نمبر ڇهه ڪوليسٽرول ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو مسئلو

نارنگيون نه رڳو چمڙي ۽ ٻين مسئلن پر وڌيڪ ڪوليسٽرول ۽ بلڊپريشر جي لاءِ به تمام بهتر هونديون آهن، روز جي بنيادن تي نارنگيون کائڻ سان بلڊ پريشر کي برقرار رکي سگهجي ٿو.

نمبر ست جسم مان زهريلي مادن جي نيڪالي

روز جي بنيادن تي مالٽو يا نارنگيون کائڻ سان جسم ۾ موجود زهريلا مادا خارج ٿي ويندا آهن ۽ رت صاف ٿيندي آهي، نه رڳو ايترو پر نارنگين جو استعمال قوت مدافعت کي به مضبوط بڻائيندو آهي اهو ئي سبب آهي ته ڊاڪٽر سياري جي موسم جي ميون واري فهرست ۾ نارنگين کي سڀ کان پهرين نمبر تي رکندا آهن.

نمبر اٺ رنگ ڀورو ڪرڻ

ڀورو ڪرڻ ته سڀ ڪنهن جي خواهش هوندي آهي، سياري جي موسم ۾ خشڪي جي ڪري ماڻهو مختلف ڪريمون استعمال ڪري پنهنجي چهري ۽ ٻئي چمڙي کي صحتمند بڻائيندا رهندا آهن، اهڙي مقصدن لاءِ نارنگي جو استعمال به تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو آهي. نارنگيون کائڻ سان چهري تان داغ ڌٻا ختم ٿيڻ سميت چهري ۽ ٻئي چمڙي ۾ خوبصورتي ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.