عالمي بينڪ طرفان پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 2سيڪڙو واڌ جي اڳڪٿي

اسلام آباد (م ڊ ) عالمي بينڪ مالي سال 2023ع ۾  پاڪستان جي مجموعي پيداوار ( جي ڊي پي ) ۾  2 سيڪڙو اوسر ي شرح جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه عالمي بينڪ طرفان جاري ڪيل عالمي اقتصادي منظر نامي ۾ چئي وئي آهي . رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جون کان ڊسمبر تائين جي مدي ۾ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني ڪرنسي جي قدر ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي ٿي . صارفين لاءِ بنيادي شين جي مهانگائي ڊسمبر دوران سالياني بنيادن تي 24.5 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي . رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ آيل تازي ٻوڏ سبب مجموعي پيداوار (جي ڊي پي ) جو 4.8 سيڪڙو نقصان ٿيو  آهي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.